Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

1.ڪرنٿين 11

11
1 # ۱.ڪر ۱۶‏:۴، فل ۱۷‏:۳ اوھين منھنجي پيروي ڪريو، جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو.
عورتن لاءِ عبادت جا آداب
2آءٌ اوھان جي ساراھہ انھيءَ لاءِ ٿو ڪريان جو اوھين سڀني ڳالھين ۾ مون کي ياد ڪندا آھيو ۽ جيڪي نصيحتون مون اوھان کي ڪيون آھن تن کي قائم رکندا ٿا اچو.
3آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ ھر مرد جو سر مسيح آھي، عورت جو سر مرد آھي ۽ مسيح جو سر خدا آھي. 4جيڪو مرد پنھنجو سر ڍڪي دعا ٿو گھري يا خدا جو ڪلام ٿو ٻڌائي، سو پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿو ڪري. 5جيڪا عورت پنھنجو سر اگھاڙو ڪري دعا ٿي گھري يا خدا جو ڪلام ٿي ٻڌائي، سا پنھنجي سر جي بي⁠حرمتي ٿي ڪري. اھو ائين آھي جيئن ڪنھن عورت جو مٿو ڪوڙيل ھجي. 6جيڪڏھن ڪا عورت پنھنجو سر نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏھن ڪنھن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جھڙي ڳالھہ آھي، تہ پوءِ پنھنجو سر چادر سان ڍڪي. 7#پيد ۲۶‏:۱‎–۲۷ مرد پنھنجو سر نہ ڍڪي، ڇالاءِ⁠جو ھو خدا جي صورت ۽ جلوو آھي، پر عورت مرد جو جلوو آھي. 8#پيد ۱۸‏:۲‎–۲۳ ڇالاءِ⁠جو مرد عورت مان نہ، بلڪ عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي. 9ھائو، مرد عورت لاءِ نہ خلقيو ويو ھو، پر عورت مرد لاءِ خلقي وئي ھئي. 10سو ملائڪن جي اڳيان اختياري ڏيکارڻ لاءِ عورت کي سر ڍڪڻ گھرجي. 11تنھن ھوندي بہ خداوند جي پيرويءَ ۾ عورت مرد کان لاتعلق ناھي، نڪي مرد عورت کان لاتعلق آھي. 12ڇالاءِ⁠جو جيئن عورت مرد مان ٺاھي ويئي آھي، تيئن مرد عورت مان ڄڻيل آھي. پر سڀني شين جو ٺاھيندڙ خدا آھي.
13اوھين پاڻھي انصاف ڪري ڏسو. ڀلا اھو ڪو مناسب آھي ڇا تہ عورت مٿي اگھاڙي خدا کان دعا گھري؟ 14ڇا فطرت اوھان کي نہ ٿي سيکاري تہ وڏا وار مرد لاءِ بي⁠عزتيءَ جي شيءِ آھن؟ 15پر ڇا وڏا وار عورت لاءِ شان نہ آھن؟ ڇالاءِ⁠جو وڏا وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آھن. 16جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“
خداوند جي يادگيريءَ ۾ ماني
(متي ۲۶‏:۲۶‎–۲۹، مرقس ۲۲‏:۱۴‎–۲۵، لوقا ۱۴‏:۲۲‎–۲۰)
17ھيٺين ھدايتن ۾ آءٌ اوھان جي ساراھہ نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جي گڏ ٿيڻ سان فائدي کان وڌيڪ نقصان ٿو ٿئي. 18اول تہ مون کي ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ ڪليسيا جي گڏ ٿيڻ وقت اوھان ۾ اڻ⁠بڻت پيدا ٿئي ٿي ۽ انھيءَ ڳالھہ تي مون کي ٿورو گھڻو اعتبار بہ اچي ٿو. 19اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن. 20سو اوھين جڏھن بہ پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏھن اوھين جيڪي ڪجھہ کائو ٿا سو خداوند جي يادگيريءَ جي ماني ڪينھي. 21ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي. 22ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوھان کي پنھنجا گھر ڪونہ آھن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آھي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوھان کي ڇا چوان؟ انھيءَ ڪري آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪريان ڇا؟ يقيناً آءٌ اوھان جي ساراھہ ڪونہ ٿو ڪريان.
23جيئن تہ ھيءَ ڳالھہ مون کي خداوند کان ملي ۽ مون اھا اوھان تائين بہ پھچائي تہ جنھن رات خداوند عيسيٰ کي گرفتار ڪرايو ويو تنھن رات ھن ماني کنئي. 24پوءِ شڪرانو ادا ڪري ھن ماني ڀڃي چيو تہ ”ھي منھنجو بدن آھي، جيڪو اوھان جي واسطي آھي. منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“ 25#خر ۶‏:۲۴‎–۸، ير ۳۱‏:۳۱‎–۳۴ اھڙيءَ طرح ھن کائڻ کان پوءِ پيالو بہ ورتو ۽ چيائين تہ ”ھيءُ پيالو اھو نئون عھد آھي جيڪو منھنجي رت جي وسيلي ڪيو ويو آھي. جڏھن بہ اھو پيئو تہ منھنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رھجو.“
26مطلب تہ جڏھن بہ اوھين ھيءَ ماني کائو ٿا ۽ ھيءُ پيالو پيئو ٿا، تڏھن اوھين خداوند جي موت جو اظھار ٿا ڪريو، جيستائين ھو پاڻ موٽي اچي.
27تنھنڪري جيڪو بہ نالائقيءَ طور خداوند جي ماني کائيندو ۽ پيالو پيئندو، سو خداوند جو سندس بدن ۽ رت جي نسبت ۾ گنھگار ٿيندو. 28تنھنڪري پھريائين ھر ڪو ماڻھو پاڻ کي خيال سان جاچي ۽ پوءِ ھن مانيءَ مان کائي ۽ ھن پيالي مان پيئي. 29ڇالاءِ⁠جو جيڪو شخص کائي پيئي ٿو پر خداوند جي بدن جي صحيح سڃاڻپ نہ ٿو رکي، سو انھيءَ کائڻ پيئڻ ۾ پنھنجي لاءِ سزا ٿو ڪمائي. 30انھيءَ سبب ڪري اوھان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آھن ۽ ڪيترا تہ مري بہ ويا آھن. 31جيڪڏھن اسين پنھنجو پاڻ کي جاچيون ھا تہ اسان کي سزا نہ ملي ھا. 32جڏھن اسان کي سزا ٿي ملي تڏھن خداوند کان اسان جي تربيت ٿي ٿئي، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ ڏوھاري ثابت نہ ٿيون.
33تنھنڪري اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اوھين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ ھڪ ٻئي لاءِ ترسو. 34جيڪڏھن ڪو بکايل ھجي تہ ڀلي پنھنجي گھر کائي، متان اوھان جو گڏ ٿيڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالھيون جڏھن آءٌ ايندس تڏھن اچي ٺيڪ ڪندس.

Iliyochaguliwa sasa

1.ڪرنٿين 11: SCLNT

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia