1.ڪرنٿين 10
10
تواريخ مان سبق
1 # خر ۲۱:۱۳–۲۲، ۲۲:۱۴–۲۹ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ھن ڳالھہ کان باخبر رھو تہ اسان جا ابا ڏاڏا ڪڪر جي ڇانوَ ھيٺان ھئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا. 2اھڙيءَ طرح ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ موسيٰ جي بپتسما ورتي. 3-4#خر ۳۵:۱۶، ۶:۱۷، ڳا ۱۱:۲۰ جيتوڻيڪ سڀني اھا ساڳي خوراڪ کاڌي ۽ اھو ساڳيو پاڻي پيتو، جيڪو کين معجزي طور پئي مليو ۽ ھو اھو پاڻي انھيءَ روحاني ٽڪر مان پيئندا ھئا، جيڪو ساڻن گڏوگڏ ھلندو پئي ھليو ۽ اھو ٽڪر مسيح ھو، 5#ڳا ۲۹:۱۴–۳۰ تنھن ھوندي بہ خدا انھن مان گھڻن سان راضي نہ ھو، تنھنڪري اھي رڻپٽ ۾ مري کپي ويا.
6 # ڳا ۴:۱۱ ھي واقعا اسان جي لاءِ سبق آھن تہ جيئن اسين خراب شين جي خواھش نہ ڪريون، جھڙيءَ طرح انھن ٿي ڪئي. 7#خر ۶:۳۲ نڪي اوھين بتپرست ٿيو جيئن انھن مان ڪي ٿيا. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ
”ماڻھو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا،
۽ بيشرميءَ سان نچڻ ٽپڻ لاءِ اٿيا.“
8 # ڳا ۱:۲۵–۱۸ نڪي اسان کي حرامڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن ماڻھن ڪئي ۽ ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٽيويھہ ھزار ڪِري مري ويا. 9#ڳا ۵:۲۱–۶ نڪي اسان کي خداوند کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انھن مان ڪن آزمايو ۽ نانگ ڏنگي کين ماري ڇڏيو. 10#ڳا ۴۱:۱۶–۴۹ نڪي اوھين ڪُرڪو ڪنجھو، جيئن انھن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت جي فرشتي ھٿان مارجي ويا.
11ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن. 12تنھنڪري جيڪو پاڻ کي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار ٿئي متان ڪري نہ پوي. 13اوھان تي اھڙي آزمائش ڪانہ پيئي آھي جيڪا انسان لاءِ عام نہ ھجي. پر اوھين خدا تي ڀروسو رکي سگھو ٿا. ھو اوھان کي اھڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوھان جي سھڻ جي طاقت کان ٻاھر ھجي، بلڪ آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ اوھان کي ٺاھي ڏيندو تہ جيئن اوھين ان کي برداشت ڪري سگھو.
بتپرستيءَ خلاف چتاءُ
14تنھنڪري اي عزيزو! بتپرستيءَ کان ڀڄو. 15سمجھدار ماڻھو سمجھي آءٌ اوھان سان ٿو ڳالھايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنھن کي جاچي ڏسو. 16#مت ۲۶:۲۶–۲۸، مر ۲۲:۱۴–۲۴، لو ۱۹:۲۲–۲۰ جڏھن اسين خداوند جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي سندس شڪرانو ٿا ادا ڪريون، تڏھن مسيح جي رت ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ ۽ جڏھن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏھن مسيح جي بدن ۾ شريڪ نہ آھيون ڇا؟ 17جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِجو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.
18 # لاو ۶:۷ يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اھي قربانين کائڻ وارا قربانگاھہ جي خدمت ۾ شريڪ نہ آھن؟ 19منھنجي چوڻ جو مقصد ھي ناھي تہ جيڪو کاڌو بتن تي قربان ڪجي ٿو سو ڪا شيءِ آھي يا بت پاڻ ڪا شيءِ آھي. 20#شر ۱۷:۳۲ نہ، بلڪ منھنجو مقصد ھي آھي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪيون وڃن ٿيون سي ڀوتن لاءِ آھن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اوھين ڀوتن سان شريڪ ٿيو. 21اوھين خداوند جي پيالي ۽ ڀوتن جي پيالي ٻنھي مان پي نہ ٿا سگھو ۽ اوھين خداوند جي دسترخوان ۽ ڀوتن جي دسترخوان ٻنھي تي شريڪ ٿي نہ ٿا سگھو. 22#شر ۲۱:۳۲ ڇا اسين خداوند کي ساڙ ٿا ڏياريون؟ ڇا اسين ھن کان وڌيڪ زورآور آھيون؟
ايمان وارن لاءِ آزادي
23 # ۱.ڪر ۱۲:۶ ڪن ماڻھن جي چوڻ مطابق ”سڀ شيون جائز آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي فائدي واريون نہ آھن. ”سڀ شيون جائز تہ آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين. 24ھر ڪو ماڻھو پنھنجو ئي ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.
25جيڪوبہ گوشت بازار ۾ وڪامي ٿو سو کائو، پر پنھنجي ضمير جي خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 26#زب ۱:۲۴ جيئن لکيل آھي تہ
”زمين ۽ جيڪي ڪجھہ ان ۾ آھي، سو سڀ خداوند جو ئي آھي.“
27جيڪڏھن ڪو غير مسيحي اوھان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوھين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوھان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ پنھنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. 28پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ائين چوي تہ ”ھيءُ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو آھي،“ تہ جنھن اوھان کي جتايو انھيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ڪري اھو نہ کائو. 29ضمير مان منھنجو مطلب اوھان جو ضمير نہ آھي، پر انھيءَ ٻئي ماڻھوءَ جو. ڀلا، منھنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو ٿي پرکي وڃي؟ 30جيڪڏھن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنھن ڳالھہ جي لاءِ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنھن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي.
31تنھنڪري توڙي اوھين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلوي خاطر ڪريو. 32اوھين ڪنھن کي بہ گمراھہ نہ ڪريو، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير قوم يا خدا جي ڪليسيا. 33اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.
Iliyochaguliwa sasa
1.ڪرنٿين 10: SCLNT
Kuonyesha
Shirikisha
Nakili
Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia
© 2009 Pakistan Bible Society