Chapa ya Youversion
Ikoni ya Utafutaji

1.ڪرنٿين 12

12
روحاني نعمتون
1ڀائرو ۽ ڀينرون، آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ روحاني نعمتن بابت اوھين بي⁠خبر رھو. 2اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن اوھين ڪفر ۾ ھئا، تڏھن اوھان کي ڪنھن نہ ڪنھن نموني گمراھہ ڪري گونگن بتن ڏانھن نيو ويندو ھو. 3تنھنڪري آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر ھيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آھي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ خداوند آھي.
4 # رو ۶‏:۱۲‎–۸ روحاني نعمتون تہ جدا جدا قسمن جون آھن، پر پاڪ روح تہ ھڪڙو ئي آھي. 5خدمتون جدا جدا قسمن جون آھن، پر خداوند تہ ھڪڙو ئي آھي. 6ڪم ڪرڻ جا طريقا جدا جدا قسمن جا آھن، پر خدا تہ ھڪڙو ئي آھي، جيڪو سڀني ماڻھن ۾ اھي سڀ ڪم ڪري ٿو.
7پر ھر ھڪ ماڻھوءَ مان پاڪ روح جو ظھور آھي، تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي. 8ھڪڙي کي پاڪ روح جي وسيلي ڏاھپ جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو ۽ ٻئي کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي علميت جو ڪلام ڏنو وڃي ٿو. 9ڪنھن کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي ايمان ٿو ملي ۽ ڪنھن کي انھيءَ ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي شفا ڏيڻ جون نعمتون ملن ٿيون. 10پاڪ روح ڪنھن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي پيغام ٻڌائڻ جي نعمت بخشي ٿو. ڪنھن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنھن کي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائڻ جي لياقت ڏئي ٿو ۽ ڪنھن کي انھن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو. 11پر اھي سڀيئي ڪم ھڪڙو ئي پاڪ روح ٿو ڪري، جيڪو پنھنجي مرضيءَ موجب ھر ڪنھن کي جدا جدا نعمتون ورھائي ٿو ڏئي.
عضوا گھڻا پر بدن ھڪ
12 # رو ۴‏:۱۲‎–۵ جيئن بدن ھڪ ۽ ان جا عضوا گھڻا آھن ۽ بدن جا سڀ عضوا جيتوڻيڪ گھڻا آھن پر تڏھن بہ گڏجي ھڪڙو ئي بدن ٺاھن ٿا، تيئن مسيح بہ آھي. 13جھڙيءَ طرح اسان سڀني کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي ھڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي آھي، توڙي جو ڪي يھودي، ڪي غير يھودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد ھئا، پر اسان سڀني کي ھڪڙو ئي پاڪ روح اندر ۾ ڏنو ويو. 14انسان جو بدن ھڪڙي عضوي جو نہ پر گھڻن جو ٺھيل آھي. 15جيڪڏھن پير چوي تہ ”آءٌ ھٿ نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي. 16جيڪڏھن ڪن چوي تہ ”آءٌ اک نہ آھيان، تنھنڪري بدن جو حصو نہ آھيان،“ تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي تہ ھو بدن جو حصو نہ آھي. 17جيڪڏھن سڄو بدن اک ھجي ھا تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ھا؟ جيڪڏھن سڄو بدن ڪن ھجي ھا تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ھا؟ 18حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي. 19جيڪڏھن اھي سڀ ھڪ عضوو ھجن ھا تہ بدن ڪٿي ھجي ھا؟ 20دراصل عضوا گھڻا آھن پر بدن ھڪڙو ئي آھي.
21اک ھٿ کي چئي نہ ٿي سگھي تہ ”مون کي تنھنجي ضرورت نہ آھي.“ يا وري مٿو پيرن کي چئي نہ ٿو سگھي تہ ”مون کي اوھان جي ضرورت ڪانھي.“ 22اٽلندو بدن جا اھي عضوا، جيڪي زيادہ نازڪ ڏسڻ ۾ ٿا اچن سي پاڻ وڌيڪ ضروري آھن. 23بدن جا اھي عضوا جن کي اسين خسيس ٿا سمجھون، تن جو ڏاڍو قدر ٿا ڪريون. اسان جا بي⁠زيبا عضوا ڏاڍي زيب وارا ٿا بڻجن. 24پر اسان جا زيب وارا عضوا خاص ڌيان جا محتاج نہ آھن. ڇالاءِ⁠جو خدا بدن کي اھڙيءَ طرح جوڙيو جو جيڪو خسيس عضوو ھو تنھن کي ڏاڍي عزت ڏنائين. 25انھيءَ لاءِ تہ جيئن بدن ۾ ڪو ڏڦيڙ نہ پوي ۽ سڀيئي عضوا ھڪ ٻئي جي ھڪجھڙي سنڀال ڪن. 26جيڪڏھن ھڪڙي عضوي کي ڏک رسي ٿو تہ سڀني عضون کي انھيءَ سان گڏ ڏک ٿو رسي. پر جيڪڏھن ھڪڙي عضوي جي خاص عزت ٿئي ٿي تہ انھيءَ سان گڏجي سڀ خوشي ڪن ٿا.
27سو اوھين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آھيو ۽ ھر ھڪ سندس عضوو آھي. 28#اف ۱۱‏:۴ خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ. 29ڇا سڀيئي رسول آھن؟ ڇا سڀيئي نبي آھن؟ ڇا سڀيئي استاد آھن؟ ڇا سڀيئي معجزا ڪندڙ آھن؟ 30ڇا سڀني کي شفا ڏيڻ جون نعمتون مليل آھن؟ ڇا سڀيئي قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟ 31پر اوھين وڏين وڏين نعمتن جي خواھش ڪريو.
ھاڻي آءٌ اوھان کي اڃا بہ وڌيڪ سٺو رستو ڏيکاريندس.

Iliyochaguliwa sasa

1.ڪرنٿين 12: SCLNT

Kuonyesha

Shirikisha

Nakili

None

Je, ungependa vivutio vyako vihifadhiwe kwenye vifaa vyako vyote? Jisajili au ingia