YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 15

15
عيسيٰ، ڊاک جي سچي ول
1عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ ڊاک جي سچي ول آھيان ۽ منھنجو پيءُ باغائي آھي. 2مون ۾ جيڪا ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي تنھن کي ھو ڪڍي ڇڏي ٿو. پر جيڪا ٽاري ميوو جھلي ٿي تنھن کي ھو ڇانگي ٿو تہ جيئن اھا وڌيڪ ميوو ڏئي. 3جيڪو ڪلام مون اوھان کي ٻڌايو آھي، تنھن جي ڪري اوھين اڳي ئي پاڪ ٿيا آھيو. 4اوھين مون سان گڏجي ھڪ ٿي رھو ۽ آءٌ اوھان سان گڏجي ھڪ ٿي رھندس. تيستائين ڪابہ ٽاري ميوو نہ ٿي جھلي، جيستائين اھا ول ۾ نہ ٿي رھي. اھڙيءَ طرح اوھين بہ ميوو نہ ٿا جھلي سگھو جيستائين مون ۾ نہ رھو.
5آءٌ ڊاک جي ول آھيان ۽ اوھين منھنجون ٽاريون آھيو. جيڪو مون ۾ رھي ٿو، تنھن ۾ آءٌ رھان ٿو ۽ اھو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇالاءِ⁠جو اوھين مون کان سواءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو. 6جيڪو مون ۾ نہ رھندو سو ٽاريءَ وانگر وڍي اڇلايو ويندو، جيڪو سڪي ويندو. پوءِ اھڙيون ٽاريون ميڙي گڏ ڪري باھہ ۾ وڌيون وينديون ۽ اھي سڙي وينديون. 7جيڪڏھن اوھين مون ۾ رھو ۽ منھنجون ڳالھيون اوھان ۾ رھن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو، اوھان کي اھو ملندو. 8اوھان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوھين منھنجا شاگرد آھيو ۽ انھيءَ ڳالھہ مان منھنجي پيءُ جو جلوو ظاھر ٿئي ٿو. 9جيئن پيءُ مون سان پيار ڪيو آھي، تيئن مون بہ اوھان سان پيار ڪيو آھي. ھاڻي اوھين منھنجي پيار ۾ رھو. 10جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.
11مون اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري اوھان کي ٻڌايون آھن تہ جيئن منھنجي خوشي اوھان ۾ ھجي ۽ اوھان جي خوشي پوري ٿئي. 12#يو ۳۴‏:۱۳، ۱۷‏:۱۵، ۱.يو ۲۳‏:۳، ۲.يو ۵ اھو ئي منھنجو حڪم آھي تہ اوھين ھڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي. 13انھيءَ کان وڌيڪ ڪوبہ پيار ڪونھي جو ماڻھو پنھنجي دوستن لاءِ پنھنجي جان ڏئي. 14جن ڳالھين جو مون اوھان کي حڪم ڏنو آھي، تن تي جيڪڏھن عمل ڪريو تہ اوھين منھنجا دوست آھيو. 15ھن کان پوءِ آءٌ اوھان کي نوڪر نہ سڏيندس، ڇاڪاڻ⁠تہ نوڪر کي خبر نہ ھوندي آھي تہ سندس مالڪ ڇا ڪري رھيو آھي. پر مون اوھان کي دوست ڪري سڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڳالھيون مون پنھنجي پيءُ کان ٻڌيون آھن سي سڀ اوھان کي ٻڌايون اٿم. 16اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو. 17آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“
دنيا شاگردن کان نفرت ڪري ٿي
18”جيڪڏھن دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي تہ اوھان کي ياد رکڻ گھرجي تہ انھيءَ پھريائين مون کان بہ نفرت ڪئي ھئي. 19جيڪڏھن اوھين دنيا جا ھجو ھا تہ جيڪر دنيا اوھان سان پنھنجن جھڙو پيار ڪري ھا. پر جيئن تہ اوھين دنيا جا نہ آھيو مگر مون اوھان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آھي، تنھنڪري دنيا اوھان کان نفرت ڪري ٿي. 20#مت ۲۴‏:۱۰، لو ۴۰‏:۶، يو ۱۶‏:۱۳ مون اوھان کي جيڪي ٻڌايو آھي سو ياد رکو تہ ڪوبہ غلام پنھنجي مالڪ کان وڏو نہ آھي. سو جيڪڏھن ماڻھن مون کي ستايو آھي تہ اوھان کي بہ ستائيندا. جيڪڏھن انھن منھنجي تعليم تي عمل ڪيو آھي تہ اوھان جي تعليم تي بہ عمل ڪندا. 21پر اِھي سڀ ڳالھيون ھو منھنجي نالي جي ڪري اوھان سان ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ کي نہ ٿا سڃاڻن جنھن مون کي موڪليو آھي. 22جيڪڏھن آءٌ نہ اچان ھا ۽ کين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايان ھا تہ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي کين پنھنجن ڏوھن لاءِ ڪوبہ بھانو نہ آھي. 23جيڪو مون کان نفرت ڪري ٿو، سو منھنجي پيءُ کان بہ نفرت ڪري ٿو. 24جيڪي ڪم ٻئي ڪنھن بہ نہ ڪيا آھن، سي جيڪڏھن آءٌ انھن ۾ نہ ڪريان ھا تہ پوءِ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي تہ انھن منھنجا ڪم ڏٺا آھن، تنھن ھوندي بہ مون کان ۽ منھنجي پيءُ کان نفرت ڪئي اٿن. 25#زب ۱۹‏:۳۵، ۴‏:۶۹ پر اھو انھيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن شريعت ۾ لکيل آھي سو پورو ٿئي تہ ’انھن مون کان ناحق نفرت ڪئي آھي.‘
26پر اھو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوھان ڏانھن موڪليندس، يعني سچ جو پاڪ روح، جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو سو مون بابت شاھدي ڏيندو. 27اوھين پڻ منھنجي شاھدي ڏيندا، ڇالاءِ⁠جو اوھين شروعات کان وٺي مون سان گڏ رھيا آھيو.

Currently Selected:

يوحنا 15: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy