YouVersion Logo
Search Icon

اِفسين 1

1
1 # رس ۱۹‏:۱۸‎–۲۱، ۱‏:۱۹ ھي خط پولس جي طرفان آھي، جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي اِفسس شھر ۾ رھندڙ انھن ايمان وارن ڏانھن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آھن. 2شل اوھان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي ھجي.
روحاني برڪتون
3اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي ساراھہ ٿي ڪجي. ھن اسان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري آسمان جي ھر ھڪ روحاني برڪت سان نوازيو آھي. 4ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون. 5ھن محبت جي ڪري پنھنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اسان کي عيسيٰ مسيح جي وسيلي پنھنجا گود ورتل ٻار بنائڻ لاءِ اڳي ئي مقرر ڪري ڇڏيو ھو. 6انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلوي سان ڀريل انھيءَ فضل جي ساراھہ ٿئي، جيڪو ھن پنھنجي پياري يعني مسيح جي وسيلي اسان کي مفت بخشي ڏنو.
7 # ڪل ۱۴‏:۱ اسان کي مسيح جي رت جي وسيلي ڇوٽڪارو ملي ٿو، يعني اسان جا گناھہ معاف ڪيا وڃن ٿا. 8اھو خدا جي ان فضل جي دولت موجب آھي جيڪو ھن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو آھي. 9خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو. 10انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.
11اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو. 12خدا جي مرضي ھئي تہ اسان، جن اڳواٽ ئي مسيح ۾ اميد رکي ھئي، سي سندس جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.
13اوھين بہ مسيح جا ٿيا جڏھن اوھان سچائيءَ جو ڪلام يعني اھا خوشخبري ٻڌي، جيڪا اوھان لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻي. اوھان مسيح تي ايمان آندو ۽ خدا پنھنجو واعدو پورو ڪندي اوھان کي پاڪ روح ڏنو، جيڪو سندس مالڪيءَ جي مُھر آھي. 14اھو روح اسان جي ميراث جو پھريون حصو آھي، جيستائين انھن ماڻھن جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿئي جيڪي خدا جي ملڪيت آھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي جلال جي تعريف ٿئي.
شڪرگذاري ۽ دعا
15تنھنڪري ئي اوھان جو عيسيٰ مسيح تي ايمان ۽ خدا جي سڄي قوم لاءِ محبت جيڪا ظاھر ڪريو ٿا، تن بابت ٻڌي 16آءٌ اوھان لاءِ خدا جو شڪر ڪرڻ کان باز نہ ٿو اچان، ۽ پنھنجين دعائن ۾ اوھان کي ياد ڪندو رھندو آھيان. 17آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو. 18آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي، 19۽ ھن جي وڏي قدرت اسان ايمان وارن لاءِ ڪھڙي نہ بي⁠انداز آھي. 20#زب ۱‏:۱۱۰ اھا قدرت خدا جي زبردست طاقت جي ان اثر موجب آھي جيڪو ھن مسيح ۾ ظاھر ڪيو، جڏھن کيس مئلن مان جيئرو ڪري اٿاريائين ۽ آسمان ۾ پنھنجي ساڄي پاسي ويھاريائين. 21اُتي مسيح ھر طرح جي حڪومت، اختياري، طاقت ۽ بادشاھت کان گھڻو مٿاھون آھي. ڪوبہ اختياريءَ وارو لقب جيڪو نہ رڳو ھن زماني ۾ بلڪ ايندڙ زماني ۾ بہ ڪنھن کي حاصل ٿيندو، تنھن کان مسيح جو لقب مٿاھون آھي. 22#زب ۶‏:۸ #ڪل ۱۸‏:۱ اھڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڪليسيا جي ھر ڳالھہ جو سر بڻايو. 23اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

Currently Selected:

اِفسين 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy