YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 24

24
عيسيٰ جو وري جيئرو ٿيڻ
(متي ۱‏:۲۸‎–۱۰، مرقس ۱‏:۱۶‎–۸، يوحنا ۱‏:۲۰‎–۱۰)
1آچر جي ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ جو سوير اھي عورتون قبر تي آيون ۽ سرھاڻيون بہ پاڻ سان کڻي آيون، جيڪي انھن تيار ڪيون ھيون. 2اچي ڏسن تہ مار! پٿر جيڪو قبر جي منھن تي ڏنل ھو، سو پاسي تي رڙھيو پيو آھي. 3جڏھن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو ميت تہ آھي ئي ڪونہ. 4اڃا انھيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون ھيون تہ ڏسن تہ ٻہ ماڻھو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا. 5تنھن تي ھو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ جھٽ کڻي مٿا زمين تي ٽيڪيائون. تڏھن انھن ماڻھن چين تہ ”جيڪو جيئرو آھي، تنھن کي مئلن ۾ اوھين ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6#مت ۲۱‏:۱۶، ۲۲‏:۱۷‎–۲۳، ۱۸‏:۲۰‎–۱۹، مر ۳۱‏:۸، ۳۱‏:۹، ۳۳‏:۱۰‎–۳۴، لو ۲۲‏:۹، ۳۱‏:۱۸‎–۳۳ ھو ھتي ڪونھي پر جيئرو ٿي اٿيو آھي. ياد اٿوَ تہ جڏھن ھو گليل ۾ ھو تڏھن اوھان کي ڇا چيو ھئائين تہ 7’اھو ضروري آھي تہ ابن⁠آدم کي گنھگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙھيو وڃي ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿي.‘“ 8تڏھن عورتن کي ھن جا لفظ ياد آيا. 9پوءِ ھنن قبر کان موٽي اچي يارھن شاگردن ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي اھي ڳالھيون ٻڌايائون. 10اھي عورتون مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ ھيون، تن اچي رسولن سان اھي ڳالھيون ڪيون. 11پر رسولن انھيءَ ڳالھہ کي اڻ⁠ٿيڻي سمجھي انھن عورتن جي ڳالھين تي يقين نہ ڪيو. 12تنھن ھوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانھن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آھي. تڏھن جيڪو وھيو واپريو ھو تنھن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.
اِمائوس ڏانھن پنڌ
(مرقس ۱۲‏:۱۶‎–۱۳)
13انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي شاگردن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانھن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارھن ڪلوميٽر کن پري ھو. 14اھي ٿيل واقعن بابت پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا پئي ويا. 15جيئن پاڻ ۾ ڳالھيون ٻولھيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيائون تہ عيسيٰ پاڻ اچي ساڻن گڏ پنڌ ھلڻ لڳو. 16پر انھن جو اکيون ھن کي سڃاڻڻ لاءِ مُنڊيل ھيون. 17عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين پاڻ ۾ ڪھڙين ڳالھين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنھن تي ھو غمگين ٿي بيھي رھيا. 18انھن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اھڙو ماڻھو نہ آھين جنھن کي خبر ئي نہ آھي تہ اڄڪلھہ ھت يروشلم ۾ ڇا وھيو واپريو آھي؟“ 19تنھن تي ھن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”اھي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالھيون، جيڪو خدا توڙي ساري خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي ھو. 20اسان جي سردار ڪاھنن ۽ حاڪمن پڪڙايس تہ کيس موت جي سزا ملي ۽ کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻايائون. 21اسان کي اميد ھئي تہ ھن جي ئي ھٿان بني اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو ۽ ھاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي. 22اسان جي ڪن عورتن تہ ان وقت اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو، جڏھن اھي صبح جو سوير قبر تي ويون، 23پر قبر ۾ ميت نہ ڏٺائون. اھي موٽي آيون ۽ ٻڌايائون تہ انھن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ ھو جيئرو آھي. 24اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو ھو، پر عيسيٰ کي ڪين ڏٺائون.“
25تڏھن عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اي نادانو! اوھين نبين جي سڀني ڳالھين کي مڃڻ ۾ ڪيترا نہ بي⁠پرواھہ آھيو. 26ڇا مسيح لاءِ اھو ضروري نہ ھو تہ ھو ھيئن ڏک سھي ۽ پوءِ اچي پنھنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ 27پوءِ عيسيٰ انھن کي موسيٰ جي لکت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکت تائين، سڀ ڳالھيون سمجھايون تہ انھن ۾ سندس بابت ڇا لکيل آھي.
28جنھن ڳوٺ ڏانھن ھو ويا پئي، تنھن کي جڏھن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين ھليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آھي. 29پر انھن کيس پوئتي ڇڪي جھليو تہ ”اسان سان ٽڪي پئو، ڇوتہ سانجھي ٿيڻ واري آھي ۽ ڏينھن لڙي ويو آھي.“ تڏھن ھو انھن سان ٽڪڻ لاءِ گھر اندر ويو. 30ھو انھن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو ۽ ماني کڻي رب جو شڪر ڪيائين. پوءِ ماني ڀڃي کين ڏنائين. 31ھاڻي انھن جون اکيون کليون ۽ عيسيٰ کي سڃاتائون، پر ھو انھن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. 32اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“
33انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون، 34جيڪي چون پيا تہ ”خداوند سچ⁠پچ جيئرو ٿيو آھي ۽ ھن شمعون کي ڏيکاري ڏني آھي.“ 35تنھن تي ھنن ٻنھي انھن کي اھو سربستو احوال ٻڌايو جيڪو رستي تي ٿي گذريو ھو ۽ اھو بہ تہ ڪيئن ھنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مھل سڃاتو ھو.
پنھنجن شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ
(متي ۱۶‏:۲۸‎–۲۰، مرقس ۱۴‏:۱۶‎–۱۸، يوحنا ۱۹‏:۲۰‎–۲۳، رسولن جا ڪم ۶‏:۱‎–۸)
36ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“ 37ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ 39منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِ⁠جو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“ 40ائين چئي ھن کين پنھنجا ھٿ ۽ پير ڏيکاريا. 41انھن کي اڃا تائين اعتبار ئي نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو خوشي ۽ تعجب ۾ ڀريل ھئا. تنھن جي ڪري ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آھي؟“ 42تنھن تي ھنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، 43جيڪو ھن انھن جي سامھون ويھي کاڌو.
44پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اھي ئي ڳالھيون ھيون جيڪي مون اوھان کي ٻڌايون ھيون، جڏھن اڃا اوھان سان ھوس، تہ منھنجي بابت جيڪوبہ موسيٰ جي توريت، نبين جي لکتن ۽ زبور ۾ لکيل آھي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ 45پوءِ پاڪ لکتن کي سمجھڻ لاءِ سندن ذھن اجاگر ڪيائين 46۽ کين چيائين تہ ”ھيئن لکيل آھي تہ مسيح ڏک سھي ۽ ٽئين ڏينھن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿي، 47۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي. 48اوھين انھن ڳالھين جا شاھد آھيو. 49#رس ۴‏:۱ ڏسو، آءٌ اوھان تي اھو موڪلڻ وارو آھيان، جنھن جو منھنجي پيءُ واعدو ڪيو آھي. پر جيستائين اوھان کي مٿان طاقت نہ عطا ٿئي تيستائين شھر ۾ رھجو.“
عيسيٰ جو آسمان ڏانھن کڄي وڃڻ
(مرقس ۱۹‏:۱۶‎–۲۰، رسولن جا ڪم ۹‏:۱‎–۱۱)
50 # رس ۹‏:۱‎–۱۱ پوءِ عيسيٰ انھن کي ٻاھر ڪڍي بيت⁠عنياہ جي ويجھو وٺي آيو ۽ پنھنجا ھٿ کڻي انھن لاءِ رحمت گھريائين. 51جيئن ئي انھن لاءِ رحمت گھري رھيو ھو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانھن کڄي ويو. 52انھن ھن جي عبادت ڪئي ۽ خوشيءَ سان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانھن موٽي ويا 53۽ سڄو وقت ھيڪل ۾ خدا جا شڪرانا ڪندي گذاريائون.

Currently Selected:

لوقا 24: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy