YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا ‮تعارف‬

تعارف
يوحنا، عيسيٰ مسيح جي ٻارھن رسولن مان ھڪ ھو، جنھن جي معرفت خوشخبريءَ جي ھن ڪلام ۾ عيسيٰ مسيح کي خدا جي ابدي ڪلام جي حيثيت سان پيش ڪيو ويو آھي. ھن مقدس ڪتاب جو پھريون حصو عيسيٰ مسيح جي طرح طرح جي معجزن کي پيش ڪري ٿو. ھر معجزي سان سمجھاڻي ڏني وڃي ٿي، جيڪا ٻڌائي ٿي تہ معجزي جي ذريعي ڪھڙي روحاني ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي آھي. ھن ڪتاب جو ھي حصو ٻڌائي ٿو تہ ڪن ماڻھن ڪيئن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ۽ ان جا پوئلڳ بڻيا، جڏھن تہ ٻين سندس مخالفت ڪئي ۽ ايمان آڻڻ کان انڪار ڪيائون. تيرھين کان سترھين باب تائين عيسيٰ مسيح جي گرفتاريءَ واري رات وقت سندس شاگردن سان قريبي رفاقت جو مفصل بيان آھي. ان کان سواءِ پنھنجي شاگردن کي پنھنجي وڃڻ کان پوءِ واري زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ ۽ سندن ھمت⁠افزائيءَ جا لفظ پڻ لکيل آھن. ھن ڪتاب جا آخري باب اسان کي عيسيٰ مسيح جي گرفتاريءَ، کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ، صليب تي چاڙھڻ، سندس مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ ۽ ان کان پوءِ پنھنجي شاگردن کي ڏيکاري ڏيڻ بابت ٻڌائين ٿا.
يوحنا جي ھن ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي مليل دائمي زندگيءَ واري نعمت تي زور ڏنو ويو آھي. اھا ھڪڙي اھڙي نعمت آھي جيڪا ھن زندگيءَ ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ انھن کي ملي ٿي، جيڪي عيسيٰ مسيح کي رستو، سچ ۽ زندگي ڪري قبول ڪن ٿا. ھن ڪتاب جي نمايان خاصيت ھيءَ آھي تہ انھيءَ ۾ روحاني حقيقتن کي بيان ڪرڻ لاءِ روزاني زندگيءَ جي عام شين کي علامت طور استعمال ڪيو ويو آھي، جھڙوڪ: پاڻي، ماني، روشني، ريڍار ۽ سندس رڍون ۽ انگورن جو باغ ۽ سندس ميوو.
سِٽاءُ
تمھيد: ابدي ڪلام جو ذڪر ۱‏:۱‎–۱۸
حضرت يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو ۽ عيسيٰ مسيح جا پھريان شاگرد ۱۹‏:۱‎–۵۱
عيسيٰ مسيح جي عام خدمت ۱‏:۲‎–۵۰‏:۱۲
يروشلم شھر ۾ ۽ ان جي آس⁠پاس آخري ڏينھن ۱‏:۱۳‎–۴۲‏:۱۹
عيسيٰ مسيح جو مئلن مان جي اٿڻ ۽ ڏيکاري ڏيڻ ۱‏:۲۰‎–۳۱
خاتمو: گليل علائقي ۾ ھڪ ٻي ڏيکاري ڏيڻ ۱‏:۲۱‎–۲۵

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy