اِفسين 3
3
غير قومن ۾ پولس جي تبليغ
1انھيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوھان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھيان، دعا ٿو گھران. 2اوھان ٻڌو ھوندو تہ خدا اوھان لاءِ پنھنجي فضل جو خاص ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي. 3خدا پنھنجو ھي راز الھام جي ذريعي مون کي ٻڌايو، جنھن جو احوال مختصر طور اڳي ئي اوھان ڏانھن لکيو اٿم. 4#ڪل ۲۶:۱–۲۷ جنھن کي پڙھي اوھين ڄاڻي سگھو ٿا تہ آءٌ مسيح جو اھو راز ڪيتري قدر سمجھان ٿو. 5اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي. 6اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.
7خدا جي فضل جي انھيءَ بخشش سان، جيڪا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي ھئي، آءٌ انھيءَ خوشخبريءَ جو خادم بڻايو ويس. 8جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بيانداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان، 9۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي. 10خدا جو مقصد ھو تہ ھاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت انھن حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آھن. 11ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو. 12مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ۽ مٿس ايمان آڻڻ جي ڪري دليريءَ ۽ ڀروسي سان خدا جي حضور ۾ اسان کي پھچ حاصل ٿئي ٿي. 13تنھنڪري آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوھان جي خاطر سھان ٿو تن جي ڪري بيھمت نہ ٿيو، ڇاڪاڻتہ اھي اوھان لاءِ فائدي جو باعث آھن.
پولس جي اِفسين لاءِ دعا
14انھيءَ سبب ڪري آءٌ آسماني پيءُ جي اڳيان سجدو ڪريان ٿو، 15جنھن کان آسمان ۾ ۽ زمين تي، ايمان وارن جي سموري خاندان کي نالو ٿو ملي. 16منھنجي دعا آھي تہ ھو پنھنجي جلال ڀري دولت موجب اوھان کي پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوھين پنھنجي اندر ۾ زورآوار ٿيو ۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوھان جي دلين ۾ رھي. 17منھنجي ھيءَ بہ دعا آھي تہ اوھين محبت ۾ پاڙ ھڻي ۽ پيڙھہ ڄمائي اھڙا مضبوط ٿيو 18جو خدا جي سڄي قوم سان گڏجي پوريءَ طرح سمجھي سگھو تہ مسيح جي محبت جي ويڪرائي، ڊگھائي، اوچائي ۽ اونھائي ڪيتري آھي. 19يعني مسيح جي انھيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا سمجھہ کان ٻاھر آھي، تہ جيئن اوھين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو. 20واکاڻ ٿي ڪجي انھيءَ خدا جي، جيڪو پنھنجي قدرت موجب جا اسان ۾ اثر ڪري ٿي، اسان جي گھرڻ ۽ سوچڻ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو. 21شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙھي بہ پيڙھي ھميشہ تائين سندس واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.
Currently Selected:
اِفسين 3: SCLNT
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
© 2009 Pakistan Bible Society

: