YouVersion Logo
Search Icon

اِفسين 2

2
موت کان زندگيءَ ڏانھن
1 # ڪل ۱۳‏:۲ گذريل وقت ۾ اوھين پنھنجين نافرمانين ۽ گناھن جي ڪري مئل ھئا. 2انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن. 3ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.
4پر خدا، جيڪو رحم سان ڀرپور آھي تنھن پنھنجي گھڻي پيار سببان جيڪو ھن اسان سان ڪيو، 5اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏھن تہ اسين اڃا ڏوھن جي ڪري مئل ھئاسين. خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھين بچي ويا آھيو. 6خدا اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏ اٿاريو ۽ ھن سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي آسماني جاين تي ساڻس گڏ ويھاريائين. 7انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي انھيءَ مھربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح جي ڪري اسان تي آھي، ايندڙ زمانن ۾ پنھنجي فضل جي بي⁠انداز دولت کي ظاھر ڪري. 8ڇالاءِ⁠جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي، 9سو اھو اوھان جي عملن جي ڪري نہ آھي جو متان ڪو فخر ڪري. 10ڇالاءِ⁠جو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.
مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ
11تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا. 12انھيءَ وقت اوھين مسيح کان ڌار ۽ بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاھر ھئا. اوھين خدا جي واعدي ڪيل عھدن کان اڻ⁠واقف، دنيا ۾ نااميد ۽ خدا کان جدا زندگي گذاريندا ھئا. 13پر اوھين جيڪي پھريائين گھڻو پري ھئا سي ھاڻي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري سندس رت جي وسيلي ويجھو ٿي پيا آھيو. 14ڇالاءِ⁠جو مسيح ئي اسان جو صلح آھي، جنھن يھودين ۽ غير يھودين ٻنھي کي ھڪ ڪري ڇڏيو. ھن جدائيءَ جي ڀت جيڪا وچ ۾ ھئي سا ڊاھي ڇڏي، جنھن ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو ھو. 15#ڪل ۱۴‏:۲ سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي. 16#ڪل ۲۰‏:۱ مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين. 17#يس ۱۹‏:۵۷ سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين. 18ڇالاءِ⁠جو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي.
19تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھم⁠وطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو. 20اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي. 21اھو ئي سموري اڏاوت کي ڳنڍي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح خداوند جو ھڪ پاڪ گھر ٺھندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. 22مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري اوھين بہ اھڙي جڳھہ ۾ گڏ جڙندا ۽ اڏبا ٿا وڃو، جنھن ۾ خدا پنھنجي پاڪ روح جي صورت ۾ رھي ٿو.

Currently Selected:

اِفسين 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy