طيطس 4:3-7
طيطس 4:3-7 SB
پر جڏهن اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي مهرباني ۽ انسان لاءِ سندس محبت ظاهر ٿي، تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي. اهو پاڪ روح اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جھجھي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنهن زندگيءَ جي اسين اميد رکون ٿا.






