طيطس 7:2-8
طيطس 7:2-8 SB
تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي. اهڙي صحيح تعليم ڏي جيڪا ملامت جوڳي نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ مخالف ماڻهو اسان تي تهمت هڻڻ جو ڪوبہ سبب نہ ڏسي شرمندا ٿين.





