YouVersion Logo
Search Icon

رومين 2

2
خدا جو فيصلو
1 # مت 7‏:1، لو 6‏:37 هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين. 2جڏهن تہ اسين سڀ ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا تن بابت خدا جو فيصلو حق سچ وارو آهي. 3اي انسان! تون اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي تہ الزام هڻين ٿو، پر پاڻ بہ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين! ڇا تون ائين ٿو سمجھين تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟ 4ائين ٿو لڳي جو تون خدا جي ڀلائيءَ، بردباريءَ ۽ صبر واري دولت کي خسيس ٿو سمجھين. ڇا تون ايترو نہ ٿو سمجھين تہ خدا جي ڀلائي تو کي توبهہ ڏانهن ٿي ڇڪي؟ 5پر تنهنجي دل ايڏي سخت ٿي ويئي آهي جو تون توبهہ نہ ٿو ڪرين، سو تون تہ خدا جي انهيءَ قهر واري ڏينهن واسطي پاڻ پنهنجي لاءِ غضب ميڙي گڏ پيو ڪرين، جنهن ڏينهن خدا جو پورو پورو انصاف ظاهر ٿيندو. 6#زب 62‏:12، چوڻ 24‏:12 خدا هر ڪنهن کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو. 7جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو. 8پر جيڪي خودغرض آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قهر نازل ٿيندو. 9بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ. 10پر جيڪي نيڪ ڪم ڪن ٿا تن سڀني کي خدا عزت، عظمت ۽ سلامتي بخشيندو، نہ رڳو يهودين کي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن کي بہ، 11#شر 10‏:17 ڇاڪاڻ تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.
12خدا هر گناهہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناهہ ڪيا، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن شريعت هوندي گناهہ ڪيا، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو. 13انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا شريعت ٻڌڻ وارن کي نہ، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارن کي ئي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي. 14غير قومون جن وٽ شريعت ڪانهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب شريعت جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن، توڙي جو انهن وٽ شريعت نہ آهي. 15انهن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن. 16مطلب تہ منهنجي ٻڌايل خوشخبريءَ مطابق اهو سڀ انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻهن جي دلين جي لڪل ڳالهين جو فيصلو ڪندو.
يهودين جو شريعت تي عمل نہ ڪرڻ
17هاڻ اوهين جيڪي پاڻ کي يهودي ٿا سڏايو، تن بابت آءٌ ڇا چوان؟ اوهين شريعت تي ڀاڙي ٿا ويهو ۽ خدا سان پنهنجي تعلق تي فخر ٿا ڪريو. 18شريعت جي تعليم مان اوهين سمجھي ٿا وٺو تہ خدا جي مرضي ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙا ڪم ۽ رستا صحيح آهن. 19اوهين پنهنجو پاڻ تي يقين ٿا رکو تہ ”اسين انڌن لاءِ رهبر ۽ انهن لاءِ روشني آهيون جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن. 20اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن جا استاد آهيون، ڇاڪاڻ تہ شريعت جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“ 21هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟ 22اوهين چئو ٿا تہ ”زنا نہ ڪريو،“ پر اوهين پاڻ زنا ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين بتن کان تہ نفرت ڪريو ٿا، پر اوهين مندرن جون ڦُريل شيون ڇو ٿا استعمال ڪريو؟ 23اوهين شريعت تي فخر تہ ڪريو ٿا، پر پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي‌حرمتي ڇو ٿا ڪريو؟ 24#يس 52‏:5 اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ چيو ويو آهي تہ ”اوهان يهودين جي ڪري ئي غير قومون خدا جي نالي خلاف ڪفر بڪين ٿيون.“
25 # 2‏:25 طهر ڪرائڻ يهودي قوم ۾ طهر ڪرائڻ جو مقصد خدا لاءِ مخصوص ٿيڻ ۽ ساڻس عهد جو نشان آهي. طهر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين شريعت تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ شريعت جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو طهر جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو. 26جيڪڏهن ڪنهن غير قوم واري جو طهر ٿيل نہ آهي، پر هو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طهريلن جهڙو ڪري نہ ڀائيندو؟ 27جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو طهر ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ شريعت بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو طهر ٿيل نہ آهي، پر شريعت جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟ 28اهو ماڻهو حقيقي يهودي نہ آهي، جيڪو رڳو نالي جو يهودي هجي ۽ نہ ئي اهو طهر حقيقي آهي، جيڪو رڳو ظاهري ۽ جسماني طهر هجي. 29#شر 30‏:6 پر حقيقي يهودي اهو آهي جنهن جي دل خدا ڏانهن سچي هجي ۽ حقيقي طهر اهو آهي جيڪو دل جو هجي. اهو طهر لکيل شريعت مطابق نہ، پر روحاني هجي. اهڙي يهوديءَ جي ساراهہ ماڻهن جي واتان نہ پر خدا جي طرفان ٿئي ٿي.

Currently Selected:

رومين 2: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in