1
1هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.
2انهيءَ خوشخبريءَ جو واعدو خدا اڳي ئي پاڪ ڪلام ۾ پنهنجي نبين جي معرفت ڪيو هو. 3-4اها خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آهي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ #1:3-4 دائود جي نسل مان پيدا ٿيو هي اشارو واعدي ڪيل مسيح ڏانهن آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”دائود جو اولاد.“دائود جي نسل مان پيدا ٿيو، پر پنهنجي پاڪيزگيءَ واري روح جي لحاظ کان هو مئلن مان وري جيئرو ٿي خدا جي وڏي قدرت وارو فرزند ثابت ٿيو. 5انهيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اهو ڪرم ڪيو جو آءٌ رسول مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي پيغام ڏيان تہ هو ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. 6انهن ماڻهن ۾ اوهين بہ شامل آهيو، جن کي خدا عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
7هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ خدا جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
پولس جي روم وڃڻ جي تمنا
8سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ عيسيٰ مسيح جي معرفت پنهنجي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي ايمان جون ڳالهيون سڄيءَ دنيا ۾ ٿي رهيون آهن. 9خدا، جنهن جي فرزند بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۾ آءٌ پنهنجي دل وَ جان سان سندس خدمت ٿو ڪريان، سو ئي منهنجو شاهد آهي تہ ڪيئن نہ آءٌ هردم اوهان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪندي 10اهو عرض ڪندو رهندو آهيان تہ خدا شل مون کي هاڻي جو هاڻي اوهان وٽ اچڻ ۾ ڪاميابي عطا ڪري. 11مون کي اوهان سان ملڻ جي ڏاڍي تمنا آهي، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي وسيلي اوهان کي ڪا روحاني بخشش ملي، جنهن سان اوهين پنهنجي ايمان ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو. 12آءٌ سمجھان ٿو تہ انهيءَ سان اسان ٻنهي جي حوصلہافزائي ٿيندي، اوهان جي ايمان سان منهنجي ۽ منهنجي ايمان سان اوهان جي.
13 #
رس 19:21
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي خبر هئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، پر هيستائين ڪنهن نہ ڪنهن ڳالهہ جي ڪري اچي نہ سگھيس. منهنجي مرضي آهي تہ جيئن منهنجو ڪم غير قومن جي ٻين ماڻهن ۾ وڌيو ويجھيو آهي، تيئن اوهان ۾ بہ وڌي ويجھي. 14مون تي سڀني جو فرض آهي، توڙي جو اهي شهري هجن يا جھنگلي، پڙهيل هجن يا اڻپڙهيل. 15تنهنڪري منهنجي اها تمنا آهي تہ آءٌ پنهنجي وس آهر اوهان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.
خوشخبريءَ جي قدرت
16 #
مر 8:38
آءٌ خوشخبري ٻڌائيندي نہ ٿو شرمايان، ڇاڪاڻ تہ اها هر انهيءَ ماڻهوءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ خدا جي قدرت آهي، جيڪو مسيح تي ايمان آڻي ٿو. اها پهريائين يهودين لاءِ ۽ هاڻي غير قومن لاءِ بہ آهي. 17#حبق 2:4، گل 3:11 انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“
انسان جو خدا کان منهن موڙڻ
18جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بيديني ۽ بڇڙائيءَ سبب آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو. 19خدا جون جيڪي ڳالهيون انسان ڄاڻي سگھي ٿو، سي سندن لاءِ صاف ظاهر آهن. خدا پاڻ انهن تي اهي ظاهر ڪيون آهن. 20هائو، خدا جون ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ صفتون، يعني سندس دائمي قدرت ۽ ذات دنيا جي شروعات کان وٺي سندس خلقيل شين مان ظاهر ظهور پيون ڏسجن. تنهنڪري اهڙن ماڻهن کي ڪوبہ بهانو نہ آهي. 21#اف 4:17-18 پر هنن خدا کي سڃاڻڻ جي باوجود سندس لائق وڏائي بيان نہ ڪئي، نڪي سندس شڪرگذاري ڪيائون، بلڪ اجاين خيالن ۾ پئجي ويا ۽ سندن بيعقل دماغن تي اوندهہ ڇانئجي ويئي. 22هنن دعويٰ ٿي ڪئي تہ ”اسين سياڻا آهيون،“ پر بيوقوف ثابت ٿيا. 23#شر 4:16-18 هنن غير فاني خدا کي عظمت ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوڄا ڪئي جيڪي فاني انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.
24سو خدا انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بيحيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن. 25انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.
26تنهنڪري خدا انهن کي سندن شرمناڪ خواهشن ۾ ڇڏي ڏنو، ايتري قدر جو انهن جون عورتون پنهنجو فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ هڪٻئي سان بدفعلي ڪرڻ لڳيون. 27اهڙيءَ طرح مرد بہ عورتن سان فطري ڪم ڇڏي پاڻ ۾ شهوت ۾ مست ٿي ويا، يعني هڪٻئي سان بدفعلي ڪيائون. انهيءَ شهوتپرستيءَ جي کين جوڳي سزا ملي.
28جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن. 29سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور، 30گلاخور، خدا کان نفرت ڪندڙ، بيادب، مغرور، ٻٽاڪي، برايون پيدا ڪندڙ، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪندڙ، 31بيعقل، واعدو نہ پاڙيندڙ، بيقربا ۽ بيرحم ٿي پون ٿا. 32جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.