15
1انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو ايمان مضبوط آهي سي ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن. 2اسان مان هر هڪ کي پنهنجي همايمان جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي ايمان ۾ بہ واڌارو ٿئي. 3#زب 69:9 ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ واري زندگي نہ گذاري، جيئن پاڪ ڪلام ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“ 4جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي. 5سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ خدا شل اوهان کي هيءَ توفيق ڏئي جو اوهين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو، 6انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان خدا جي واکاڻ ڪريو، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.
غير قومن لاءِ اميد
7تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ٿئي. 8چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو خدمتگار انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي واعدا خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري خدا کي سچو ثابت ڪري 9#2.سم 22:50، زب 18:49 ۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ خدا جي رحم جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ
”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي واکاڻ ڪندس.
هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“
10 #
شر 32:43
پاڪ ڪلام ۾ وري ٻئي هنڌ لکيل آهي تہ
”اي غير قومون! خدا جي قوم سان
گڏجي خوشي ڪريو.“
11 #
زب 117:1
پاڪ ڪلام ۾ هيئن بہ چيل آهي تہ
”اي غير قومون! اوهين سڀيئي
خداوند جي واکاڻ ڪريو.
اي سڀيئي قومون! اوهين سندس ساراهہ ڪريو.“
12 #
يس 11:10
وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ
”يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان ڪو ايندو.
هائو، اهو جيڪو غير قومن تي
حڪومت ڪرڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو،
تنهن تي ئي غير قومون اميد رکنديون.“
13هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.
خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ پولس جو فخر
14اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. 15تنهن هوندي بہ هن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا مون تي اهو فضل ڪيو آهي تہ 16آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون. 17تنهنڪري آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان. 18سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي خدا جو تابعدار ڪرڻ لاءِ منهنجي قول ۽ فعل جي وسيلي ڪيا. 19اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي #15:19 اُلرڪم علائقي هي علائقو مڪدُنيا صوبي جي ڀرسان هو، جيڪو اٽلي ملڪ جي سامهون سمنڊ جي ٻئي پاسي هو.اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي. 20منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان، 21#يس 52:15 بلڪ مون چاهيو تہ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تيئن ئي ٿئي تہ
”جن تائين هن جي خبر بہ نہ پهتي آهي،
تن جون بند اکيون کلي وينديون،
۽ جن هن بابت ٻڌو بہ نہ آهي سي ڄاڻي وٺندا.“
پولس جو روم وڃڻ جو ارادو
22 #
رو 1:13
اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي دفعا رڪجي ويس. 23پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي خدمت پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان، 24سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو. 25#1.ڪر 16:1-4، 2.ڪر 8:1-4 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ خدمت ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان، 26ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا ۽ اخيا وارن ڀائرن ڀينرن جي مرضي آهي تہ هو يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ جيڪي غريب آهن، تن لاءِ امداد موڪلين. 27#1.ڪر 9:11 انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي روحاني برڪتون يروشلم جي ايمان وارن کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن. 28جڏهن آءٌ اهو ضروري ڪم ختم ڪندس يعني انهن لاءِ گڏ ڪيل پوري امداد سندن حوالي ڪندس، تڏهن آءٌ اسپين ڏانهن ويندس ۽ رستي تي اوهان سان بہ ملندو ويندس. 29آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت اسان تي نازل ٿيندي.
30اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو خداوند آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل وَ جان سان خدا کان منهنجي لاءِ دعا گھرو 31تہ خدا مون کي يهوديہ علائقي ۾ غير ايمان وارن کان بچائي ۽ يروشلم شهر وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن وٽ منهنجي خدمت قبول پوي. 32پوءِ خدا جي مرضيءَ موجب خوشيءَ سان اوهان وٽ اچان ۽ اوهان سان گڏ تازگي حاصل ڪريان.
33سلامتي بخشيندڙ خدا شل اوهان سڀني ساڻ هجي. آمين.