14
مضبوط ۽ ڪمزور ايمان وارا
1 #
ڪل 2:16
جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي قبول ڪريو ۽ شڪ شبهي بابت ساڻس بحث نہ ڪريو. 2هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي. 3جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ خدا ٻنهي کي قبول ڪيو آهي. 4سو تون ڪير ٿيندو آهين جو ڪنهن ٻئي جي نوڪر تي تهمت ٿو هڻين؟ انهيءَ کي قبول ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آهي ۽ اهو قبول ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ سندس مالڪ کيس قبول پوڻ جي لائق بڻائي سگھي ٿو.
5ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ فلاڻو ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ خاص آهي، جڏهن تہ ٻئي ماڻهوءَ لاءِ سڀ ڏينهن هڪجهڙا آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي خيال تي پختو رهڻ گھرجي. 6جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏينهن کي سڀاڳو ٿو سمجھي تہ هو خداوند عيسيٰ جي لاءِ ائين ٿو سمجھي ۽ جيڪو گوشت ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي کائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. پر جيڪو نہ ٿو کائي سو بہ خداوند عيسيٰ جي واسطي نہ ٿو کائي ۽ هو بہ انهيءَ لاءِ خدا جو شڪر ادا ٿو ڪري. 7سو اسان مان ڪوبہ پنهنجي لاءِ نہ ٿو جيئي، نڪي پنهنجي لاءِ ٿو مري. 8هائو، جيڪڏهن اسين جيئون ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي خاطر ۽ جي مرون ٿا تہ بہ خداوند عيسيٰ جي خاطر. سو اسين جيئون توڙي مرون تہ بہ خداوند عيسيٰ جا ئي آهيون. 9مسيح انهيءَ لاءِ ئي مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن هو مئلن توڙي جيئرن ماڻهن جو مالڪ ٿئي. 10#2.ڪر 5:10 تہ پوءِ تون پنهنجي ڪنهن همايمان تي تهمت ڇو ٿو هڻين؟ يا وري انهيءَ کي گھٽ ڇو ٿو سمجھين؟ اسين تہ سڀ جو سڀ خدا جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين ۽ اهو ئي فيصلو ڪندو، 11#يس 45:23 جيئن پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمايو آهي تہ
”آءٌ خدا پنهنجي حياتيءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ
هر گوڏو منهنجي اڳيان جھڪندو،
۽ هر زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.“
12مطلب تہ اسان مان هر هڪ خدا کي پنهنجو پنهنجو حساب ڏيندو.
13تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ اڳتي هڪٻئي کي ڏوهاري قرار نہ ڏيون، بلڪ اهو فيصلو ڪري ڇڏيون تہ اسان مان ڪوبہ ماڻهو ڪنهن ٻئي لاءِ ڪا اهڙي ڳالهہ نہ ڪندو، جيڪا سندس ٿاٻو کائڻ يا گمراهہ ٿي وڃڻ جو سبب بڻجي. 14آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ خداوند عيسيٰ جي وسيلي مون کي يقين آهي تہ اهڙي ڪابہ شيءِ نہ آهي جيڪا خود حرام هجي. پر جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي ڪو حرام سمجھي ٿو تہ پوءِ اها انهيءَ جي لاءِ حرام آهي. 15سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي. 16تنهنڪري اهو احتياط ڪر تہ جنهن شيءِ کي تون چڱو ٿو سمجھين تنهن کي ٻيا خراب نہ سمجھندا هجن. 17ياد رک، خدا جي بادشاهي کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿي رکي، بلڪ اها سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پاڪ روح جي هئڻ ڪري آهي. 18سو جيڪو بہ اهڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، اهو خدا کي پسند آهي ۽ ماڻهن کي بہ قبول آهي.
19پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي ايمان کي وڌائي سگھون. 20اوهين کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي برباد نہ ڪريو. بيشڪ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جنهن شيءِ جي کائڻ ڪري ڪو ٻيو ماڻهو گمراهہ ٿئي ٿو تہ کائڻ واري ماڻهوءَ لاءِ اها شيءِ خراب آهي. 21چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراهہ ٿئي. 22اهڙين ڳالهين بابت اوهان جو جيڪو اعتقاد آهي سو اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ رهي، يعني اهو پنهنجيءَ دل ۾ ئي رکو. سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي انهيءَ ڪم جي ڪرڻ سان ڏوهاري قرار نہ ٿو ڏياري، جيڪو سندس نظر ۾ مناسب آهي. 23پر جيڪو ڪنهن شيءِ ۾ شڪ رکندي بہ اها کائيندو تہ اهو ڏوهاري ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هو اها شيءِ جائز هجڻ جي اعتقاد سان نہ ٿو کائي ۽ جيڪي ڪجھہ اعتقاد سان نہ ڪيو وڃي سو گناهہ آهي.