رومين 11:10-13
رومين 11:10-13 SB
اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“ مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو خداوند آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو تنهن کي ڇوٽڪارو ملندو.“





