YouVersion Logo
Search Icon

متي 2

2
اوڀر جا نجومي
1يهوديہ جي بادشاهہ #2‏:1 هيروديس هي اهو هيروديس هو جنهن کي هيروديس اعظم سڏيو ويندو هو. رومي شهنشاهہ قيصر کيس ”يهودين جو بادشاهہ“ جو لقب ڏنو هو. هن جي نہ رڳو يهوديہ تي پر سامريہ ۽ گليل تي بہ، يعني پوري فلستين علائقي تي 37 کان 4 قبلِ مسيح تائين روم جي طرفان حڪومت هئي. ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”فلستين علائقو.“هيروديس جي ڏينهن ۾ عيسيٰ يهوديہ جي بيت‌لحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي نجومي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا 2۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“ 3هيروديس بادشاهہ جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا. 4هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“ 5انهن وراڻيو تہ ”يهوديہ جي بيت‌لحم ۾، ڇاڪاڻ تہ نبيءَ هيئن لکيو آهي تہ
6 # ميڪ 5‏:2 ’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾،
تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان
ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين،
ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو،
جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“
7تنهن تي هيروديس انهن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“ 8پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيت‌لحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي کيس سجدو ڪريان.“
9‏-10بادشاهہ جي حڪم موجب اهي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏهن اهو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو هئائون، تڏهن اهي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اهو تارو سندن اڳيان هلندو رهيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي اهو ٻار هو. 11هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ #2‏:11 مُرَ هڪ وڻ جي کؤنر، جيڪا خوشبودار ۽ قيمتي آهي. اها دوائن ۾ ۽ لاشن کي دفنائڻ جي تياري ڪرڻ ۾ بہ استعمال ٿيندي هئي.مُرَ هيون. 12خدا انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.
مصر ۾ وڃي رهڻ
13جڏهن اُهي هليا ويا تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“ 14تنهن تي هو اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي ساڻ ڪري راتو رات مصر ڏانهن هليو ويو. 15#هوس 11‏:1 هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي فرزند کي مصر مان گھرايو آهي.“
ٻارن ۾ ڪوس
16جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو. 17اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا يرمياہ نبيءَ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ
18 # ير 31‏:15 ”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو،
ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز.
راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي،
اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي،
ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“
مصر مان واپسي
19 هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، 20جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ مريم کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آهن.“ 21تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
22جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ علائقي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو 23#مر 1‏:24، لو 2‏:39، يو 1‏:45 ۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ نبين جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“

Currently Selected:

متي 2: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy