Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 52

52
يروشلم جو زوال
(2.بادشاهَہ 24‏:18‏–25‏:7)
1 # 52‏:1 يروشلم جو زوال هن ڪتاب جو هي آخري باب يرمياہ نبيءَ جي يروشلم جي تباهيءَ بابت ڪيل اڳڪٿيءَ جي پوري ٿيڻ جو تواريخي بيان آهي، جڏهن تہ يرمياہ نبيءَ جو ڳالهائڻ باب 51 جي پڇاڙيءَ ۾ پورو ٿيل آهي. جڏهن صدقياہ يهوداہ جو بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ اٽڪل يارهن سال حڪومت ڪئي. سندس ماءُ جو نالو حموطل هو، جيڪا لبناہ شهر واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي. 2هن يهويقيم وانگر اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا. 3خداوند جي غضب جي ڪري ئي يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن جو اهڙو حال ٿيو ۽ آخرڪار خداوند انهن کي پنهنجي حضور مان تڙي ڇڏيو.
اهو هيئن ٿيو جو صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خلاف بغاوت ڪئي. 4#حز 24‏:2 سو صدقياہ جي بادشاهيءَ جي نائين سال، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ تي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو. هن يروشلم جي ٻاهران پنهنجا خيما کوڙيا ۽ شهر جي چوڌاري مورچا تعمير ڪرايائين. 5اهڙيءَ طرح صدقياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي يارهين سال تائين يروشلم شهر گھيري هيٺ رهيو.
6پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي 7#حز 33‏:21 بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت جنگي جوڌا ان دروازي منجھان ڀڄي ٻاهر نڪري ويا جيڪو بادشاهہ جي باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. اهي اردن ماٿريءَ وارو رستو وٺي ڀڄڻ لڳا. 8پر بابل جو لشڪر صدقياہ بادشاهہ جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ وڃي پهتس. صدقياہ جو سڄو لشڪر هن کي ڇڏي هيڏي هوڏي ٽڙي پکڙي ويو. 9سو بادشاهہ کي پڪڙي وڌائون.
پوءِ صدقياہ بادشاهہ کي حمات علائقي جي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ پيش ڪيو ويو، جتي هن سندس سزا جو اعلان ڪيو. 10اتي ربلہ ۾ صدقياہ بادشاهہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرايو. هن يهوداہ جي سڀني عملدارن کي پڻ قتل ڪرايو. 11#حز 12‏:13 پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍرايون ۽ کيس زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کيس سندس مرڻ گھڙيءَ تائين قيد ۾ رکيو.
هيڪل جي بربادي
(2.بادشاهَہ 25‏:8‏-17)
12بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو. 13#1.با 9‏:8 هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا. 14بابل جو سڄو لشڪر جيڪو شاهي محافظ دستي جي سالار سان گڏ هو، تنهن شهر جي چوڌاري واريون سڀ ڀتيون ڊاهي ڇڏيون. 15تڏهن شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي بابل جي بادشاهہ ڏانهن پناهہ وٺڻ لاءِ نڪتا هئا، تن کان علاوہ باقي رهيل ڪاريگرن کي بہ سالار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو. 16نبوزرادان انهيءَ ملڪ جي ڪن تمام غريبن کي اتي ئي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.
17 # 1.با 7‏:15‏-47 پتل جا ٿنڀا، پتل جون ريڙهيون ۽ پتل جو حوض جيڪي خداوند جي گھر ۾ هئا، سي سڀ بابل وارن ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏانهن کڻي ويا. 18قربان‌گاهہ جي رک کڻڻ لاءِ تغاريون، ڪوڏاريون، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون، لوبان‌دان ۽ پتل جا ٻيا سڀ ٿانوَ جيڪي هيڪل جي خدمت ۾ ڪم ايندا هئا سي سڀ پڻ هو کڻي ويا. 19ان کان علاوہ سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل شيون جن ۾ پياليون، پيالا، ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، رک لاءِ تغاريون، شمعدان، لوبان‌دان ۽ اوتڻ واري قربانيءَ جا پيالا شامل هئا، سي سڀ پڻ شاهي محافظن جو سالار کڻائي ويو.
20پتل جا ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض، ٻارهن پتل جا ڍڳا، جيڪي حوض جي هيٺان هئا ۽ ريڙهيون، اهي سڀ سليمان بادشاهہ خداوند جي گھر لاءِ پتل مان ٺهرايا هئا ۽ انهن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو. 21ٻنهي ٿنڀن جي اوچائي ارڙهن ارڙهن هٿ هئي ۽ انهن جو گھيرو ٻارهن ٻارهن هٿ هو. هر هڪ ٿنڀي جي گولائيءَ جي ٿولهہ چار آڱر هئي ۽ اهو اندران پورو هو. 22هر هڪ ٿنڀي جي مٿان پتل جو ڇٽ ٺهيل هو، جنهن جي اوچائي پنج هٿ هئي. ان ڇٽ تي چوڌاري پتل جي ڄاري ٺهيل هئي، جنهن ۾ پتل جا ڏاڙهون لڳل هئا. ٻئي ٿنڀي تي بہ اهڙيون ساڳيون شيون ۽ ڏاڙهون هئا. 23ان ڄاريءَ جي چوڌاري ڪل ڏاڙهن جو تعداد هڪ سؤ هو، جڏهن تہ چئني پاسن تي سلسليوار ڇهانوي ڏاڙهون لڳل هئا.
يهوداہ وارن جو قيد ٿي وڃڻ
(2.بادشاهَہ 25‏:18‏-21)
24بابلي سالار نبوزرادان سردار ڪاهن سراياہ، نائب ڪاهن صفنياہ ۽ دربانن جي ٽن نگرانن کي قيد ڪري پنهنجي ملڪ وٺي ويو. 25شهر وارن مان هن لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ستن شاهي صلاحڪارن کي پڻ قيد ڪري ورتو. لشڪر جي سپهہ‌سالار جو منشي، جيڪو ملڪ جي ماڻهن کي ڀرتي ڪندو هو ۽ ملڪ جا سٺ مکيہ ماڻهو، جيڪي شهر ۾ هٿ آيس تن سڀني کي پڻ هو قيد ڪري وٺي ويو. 26بابلي سالار نبوزرادان انهن سڀني کي قيد ڪري حمات علائقي جي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آڻي پيش ڪيو. 27بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا. 28جن ماڻهن کي نبوڪدنضر قيد ڪري وٺي ويو، تن جو شمار هن طرح آهي: سندس بادشاهيءَ جي ستين سال ٽي هزار ٽيويهہ ماڻهو، 29سندس بادشاهيءَ جي ارڙهين سال يروشلم مان اٺ سؤ ٻٽيهہ ماڻهو، 30سندس بادشاهيءَ جي ٽيويهين سال شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان جي ذريعي ست سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو. جيڪي جلاوطن ڪيا ويا سي جملي چار هزار ڇهہ سؤ ماڻهو هئا.
يهوياڪين جو آزاد ٿيڻ
(2.بادشاهَہ 25‏:27‏-30)
31يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿي وڃڻ جي ستٽيهين سال، ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ تي بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ ولد نبوڪدنضر پنهنجي بادشاهيءَ جي پهرئين سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان آزاد ڪيو. 32هن ساڻس مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو ۽ ساڻس گڏ قيد ٿيل ٻين بادشاهن کان وڌيڪ مان مرتبو ڏنائينس. 33سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو. 34جيستائين يهوياڪين جيئرو هو، تيستائين کيس بابل جي بادشاهہ وٽان هميشہ روزمرہ جو مقرر خرچ پکو ملندو رهيو.

Currently Selected:

يرمياہ 52: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in