51
بابل تي اچڻ واري سزا
1 خداوند فرمائي ٿو تہ
”ياد رکو، بابل ملڪ ۽ ان جا سڀ رهاڪو
جيڪي منهنجا مخالف آهن،
تن تي آءٌ طوفاني هوا جيان
تباهي مچائيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهيان.
2هائو، آءٌ بابل ڏانهن اهي ڌاريون قومون موڪليندس،
جيڪي ان کي ائين اُڏائي ڇڏينديون،
جيئن هوا ڪک ڪانا اڏائي ڇڏيندي آهي.
جڏهن اها مصيبت مٿس ايندي،
تڏهن اهي قومون کيس چئني طرفن کان وڪوڙي ڇڏينديون،
۽ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏينديون.
3اي تباهي مچائيندڙ لشڪرؤ!
اوهين بابل جي تيراندازن کي ايتري بہ مهلت نہ ڏيو،
جو اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪي سگھن،
يا وري هٿيار ٻڌي اُٿي سگھن.
اوهين ان جي جنگي جوڌن کي جيئرو نہ ڇڏيو،
بلڪ انهن جو سڄو لشڪر بلڪل ناس ڪري ڇڏيو.
4هو پنهنجي شهر جي گھٽين ۾
زخمن کان چور ۽ قتل ٿيا پيا هوندا.
5مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود، قادرِمطلق خداوند،
نہ اسرائيل وارن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نہ وري يهوداہ وارن کي،
جيتوڻيڪ هنن پنهنجي ملڪن کي
منهنجي خلاف ڏوهن سان ڀري ڇڏيو آهي.
6سو اي بني اسرائيل وارؤ!
اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو،
۽ پنهنجيون جانيون بچايو.
اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي
پاڻ کي برباد نہ ڪريو.
وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان،
جنهن جي هو لائق آهن.“
7 #
مڪا 17:2-4، 18:3 بابل خداوند جي هٿ ۾ مئي جي هڪڙي سوني پيالي مثل رهيو آهي، جنهن مان مئي پي سڄيءَ دنيا وارا مست ٿي پيا آهن. هائو، قومن ان مئي مان پئي پيتو آهي، تنهنڪري اهي ديوانيون ٿي پيون آهن. 8پر هاڻي اهو پيالو اوچتو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي. پوءِ خداوند ڌارين قومن کي چوندو تہ ”ڀلي اوهين ان جي لاءِ واءِويلا مچايو ۽ ان جي زخمن لاءِ ملم هٿ ڪريو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.“ 9#مڪا 18:5 پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“
10سو اي بني اسرائيل وارؤ! ائين ڪرڻ سان خداوند اسان کي بيڏوهي ثابت ڪيو آهي، تنهنڪري اچو تہ هلون ۽ هلي يروشلم ۾ ٻڌايون تہ خداوند اسان جي خدا ڇا ڪيو آهي.
11 خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہسالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو. 12بابل جي ڀتين جي سامهون حملي لاءِ جھنڊو کڙو ڪريو. پهري واريون چونڪيون مضبوط ڪريو، تاڙ رکندڙ مقرر ڪريو، حملي لاءِ لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو.“
بيشڪ خداوند پنهنجو مقصد ضرور پورو ڪندو، جيڪو هن بابل وارن جي خلاف رٿيو آهي. 13#مڪا 17:1 بابل ملڪ جنهن ۾ بيشمار نديون ٿيون وهن ۽ جيڪو خزانن سان مالا مال آهي، سو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جي تند ڪٽجڻ واري آهي. 14قادرِمطلق خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چيو آهي تہ ”يقيناً آءٌ ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھڻا ئي لشڪر آڻيندس جيڪي بابل تي حملو ڪري انهيءَ کي شڪست ڏيندا ۽ فتح جا نعرا هڻندا.“
خداوند جي واکاڻ جو گيت
(يرمياہ 10:12-16)
15خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي،
هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي،
۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.
16 #
پيد 1:6-8
هن جي هڪل تي
آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي.
هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو.
هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو،
۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.
17اهو ڏسندي هر بتپرست ماڻهو بيسمجھہ
۽ اڻڄاڻ ثابت ٿئي ٿو.
هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري نااميد ٿئي ٿو،
ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن،
جن ۾ ساهہ ئي ڪونهي.
18اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن،
جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو
تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.
19 يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي
سو انهن جهڙو ناهي،
ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي
۽ بني اسرائيل قوم کي
هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
خداوند جو هٿوڙو
20خداوند چوي ٿو تہ
”اي بابل! تون منهنجو هٿوڙو هئين،
تنهنجي ذريعي مون قومن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
هائو، تون جنگ جي لاءِ منهنجو هٿيار هئين،
تنهنجي ذريعي مون بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيون.
21تنهنجي ذريعي مون گھوڙن ۽ سوارن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو،
تنهنجي ذريعي مون جنگي گھوڙي گاڏين،
۽ گاڏيون هلائيندڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
22تنهنجي ذريعي مون مردن ۽ عورتن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو،
تنهنجي ذريعي مون پوڙهن توڙي جوانن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو،
تنهنجي ذريعي مون ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
23تنهنجي ذريعي مون ڌنارن ۽ سندن ڌڻن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو،
تنهنجي ذريعي مون هارين ۽ سندن ڏاندن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو،
تنهنجي ذريعي مون سردارن ۽ حاڪمن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.“
بابل جي سزا
24 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بابل ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي اوهان جي ڏسندي انهن سڀني ڪمن جي سزا ڏيندس جيڪي هنن يروشلم ۾ ڪيا هئا.
25اي بابل! تون جبل جيان مضبوط لڳندو هئين،
ڇاڪاڻ تہ تون سڀني قومن کي چيڀاٽي ناس ڪندو هئين.
پر آءٌ خداوند تنهنجي خلاف آهيان.
آءٌ تو کي پڪڙي گهلي کڻي پٽ تي اڇلائيندس،
۽ تو کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس.
26ايتري قدر جو تنهنجي ڍير مان ڪوبہ پٿر جاءِ ٺاهڻ
يا پيڙهہ جو پٿر رکڻ لاءِ ڪڏهن بہ ڪونہ کنيو ويندو.
بلڪ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين.
27اي سڀني قومن وارؤ!
اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو.
پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي،
انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو.
هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط،
مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو.
هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہسالار مقرر ڪريو.
ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.
28مادئين جي بادشاهن کي ٻڌايو وڃي تہ
اهي پنهنجن سالارن ۽ سندن سڀني نائبن کي تيار ڪن،
۽ انهن سڀني ملڪن کي پڻ، جن تي هو حڪمران آهن،
انهيءَ لاءِ تہ سڀيئي قومون وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.
29جيئن تہ بابل جي خلاف
مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي،
انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان،
جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي،
تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.
30بابل جا بهادر ڊڄي جنگ ڪرڻ کان پٺتي هٽي ويا آهن،
۽ وڃي پنهنجن قلعن ۾ لڪا آهن.
هو پنهنجي همت هاري عورتن جهڙا ڊڄڻا ٿي پيا آهن.
هوڏانهن دشمن سندن شهرن جي ڪوٽن جا دروازا ڀڃن ٿا،
۽ شهرن اندر گھڙي هر گھر کي باهہ ٿا ڏين.
31هر طرف کان قاصدن پٺيان قاصد ڊوڙندا ٿا اچن،
انهيءَ لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ
سندس سڄي شهر تي قبضو ٿي ويو آهي.
32ايتري قدر جو ندين جي گھاٽن تي بہ قبضا ٿي ويا آهن.
ڍوري وارن ٻوڙن کي باهيون ڏنيون ويون آهن،
۽ پوري لشڪر ۾ حراس پئجي ويو آهي.
33بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن،
جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن،
هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“
34بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر
يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري،
يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي،
بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين.
هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو،
هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.
35هاڻ ڀلي يروشلم جا رهاڪو چون تہ
”جيڪو ظلم اسان تي ٿيو آهي،
سو شل بابل وارن جي سر تي پوي.“
هائو، صيئون جبل جا رهاڪو ڀل ائين چون تہ
”اسان جو خون شل بابلين جي ڳچيءَ ۾ پوي.“
يروشلم وارن کي خدا جي مدد
36سو خداوند فرمائي ٿو تہ
”هاڻ اي يروشلم وارؤ!
آءٌ اوهان جي طرفداري ڪندس ۽ اوهان جو بدلو وٺندس.
آءٌ بابل جا چشما سڪائي ڇڏيندس،
۽ ان جا درياءَ خشڪ ڪري ڇڏيندس.
37پوءِ بابل ويران دڙا بڻجي ويندو.
هائو، اهو گدڙن جي جُوءِ بڻبو.
اهو هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندو،
جتي ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.
انهيءَ کي ڏسي ماڻهو دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.
38جيتوڻيڪ هن وقت بابل وارا
پاڻ کي شينهن سمجھي گجگوڙ ٿا ڪن،
۽ اُهي شينهن جي ٻچن وانگر گرڪندا ٿا وتن،
39پر جڏهن سندن پيٽ ۾ بک جي باهہ ڀڙڪندي،
تڏهن آءٌ هنن جي اهڙي مهماني ڪندس،
جو سزا جو شراب پيئاري پيئاري کين مست ڪندس،
انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي،
جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.
40هائو، ان حالت ۾ آءٌ هنن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر
ڪوس گھر ڏانهن وٺي ايندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل جي بدقسمتي
41خداوند فرمائي ٿو تہ
”جنهن بابل جي واکاڻ جا سڄيءَ دنيا ۾ چرچا پيا هلن،
سو بابل ڪيئن نہ قبضي هيٺ اچي ويندو!
هائو، بابل قومن منجھہ ڪيئن نہ عبرت جو سبب بڻجي پوندو!
42دشمن لشڪر بابل تي هڪ سمنڊ جيان اٿلي پوندا،
۽ گجندڙ ڇولين وانگر بابلين کي ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندا.
43ان جا شهر عبرت جو سبب بڻجي ويندا.
اهي هڪ اهڙي خشڪ زمين ۽ رڻپٽ ٿي ويندا،
جتي ڪوبہ انسان نہ رهندو هجي،
۽ نہ وري اتان ڪو لنگھي سگھندو هجي.
44آءٌ بابل وارن جي #51:44 مردوڪ هي بابلين جو وڏو معبود هو. اصلي مسودي يعني عبرانيءَ ۾ ”بيل“ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مالڪ.“مردوڪ ديوتا کي سزا ڏيندس،
۽ جيڪو بہ مال پنهنجي پوڄارين جي وسيلي
لٽي ڦري هو ڳهي ويو هو،
سو آءٌ کانئس اوڳاڇرائيندس.
اڳتي قومون هن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏينديون.
بابل جا ڪوٽ ڪرڻ وارا آهن.
45سو اي منهنجي قوم! اوهين انهيءَ منجھان نڪري وڃو،
ڀڄي پنهنجا سر بچايو.
مون خداوند جي غضبناڪ ڪاوڙ کان ڀڄي پري ٿيو.
46هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ
ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو،
يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو.
پر اوهين همت نہ هاريو،
نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.
47انهيءَ سبب جو اهو وقت يقيناً اچڻ وارو آهي،
جڏهن آءٌ بابل جي بتن کي سزا ڏيندس.
بابل جو سڄو ملڪ خوار خراب ٿيندو،
۽ ان جا سمورا ماڻهو ماريا ويندا.
48 #
مڪا 18:20
جڏهن اتر کان تباهي مچائيندڙ لشڪر
بابل تي اچي ڪڙڪندو،
تڏهن آسمان توڙي زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي،
سي سڀ انهيءَ ڪري خوشيءَ وچان راڳ ڳائيندا.
49 #
مڪا 18:24
هائو، جهڙيءَ طرح بابل
سڄيءَ دنيا جي ماڻهن ۾ موت وجھي ڇڏيو هو،
تهڙيءَ طرح هاڻ بابل جي ماڻهن ۾ بہ موت پوندو،
ڇاڪاڻ تہ هنن ڪيترائي بني اسرائيل ماري ڇڏيا آهن.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل ۾ رهندڙ يهوداہ وارن لاءِ خداوند جو پيغام
50 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت
موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا،
سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو.
اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.
51اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ذليل ٿيا آهيون،
ڇاڪاڻ تہ اسان جي بيعزتي ڪئي ويئي آهي.
جيئن تہ ڌاريا خداوند جي مقدس هيڪل اندر گھڙي ويا آهن،
تنهنڪري شرم کان اسان جا ڪنڌ جھڪيل آهن.‘
52ٻڌو، اهي ڏينهن اچن ٿا،
جڏهن آءٌ خداوند بابل جي بتن کي سزا ڏيندس،
۽ سندن سڄي ملڪ ۾ زخمين جي ڪنجھڪار پئجي ويندي.
53توڙي جو بابل کڻي آسمان تائين پهچي وڃي،
۽ پنهنجي اوچن قلعن کي مضبوط ڪري،
تہ بہ آءٌ تباهي مچائيندڙ لشڪر مٿس چاڙهي آڻيندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
بابل جي مڪمل تباهي
54خداوند فرمائي ٿو تہ
”بابل شهر مان دانهن جو،
بلڪ سڄي بابل ملڪ مان وڏي تباهيءَ جو آواز ٿو ٻڌجي،
55ڇاڪاڻ تہ مون خداوند بابل تي تباهي آندي آهي.
دشمن سمنڊ جي ڇولين وانگر
گجگوڙ ڪندي مٿن اچي ڪڙڪيا آهن.
سندن گجگوڙ جو آواز
بابلين جي گوڙ شور تي غالب اچي ويو آهي.
56هڪ تباهي مچائيندڙ لشڪر بابل تي ڪاهي آيو آهي.
بابل جا جنگي جوڌا پڪڙيا ويا آهن،
۽ انهن جا جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا آهن.
بيشڪ آءٌ خداوند بدلو وٺندڙ خدا پورو پورو بدلو ٿو وٺان.
57آءٌ بابل جي سردارن، ڏاهن، حاڪمن، سپهہسالارن
۽ جنگي جوڌن کي سزا جو شراب پيئاري پيئاري مست ڪندس،
انهيءَ لاءِ تہ هنن کي ايڏو تہ نشو چڙهي وڃي،
جو هو هميشہ واري ننڊ سمهي پون ۽ وري نہ جاڳن.
اُهو آءٌ بادشاهہ ٿو چوان،
جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي.
58ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون،
۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا.
اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو،
ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو.
اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“
يرمياہ نبيءَ جو بابل ڏانهن پيغام موڪلڻ
59مون يرمياہ هي پيغام سراياہ ولد پنرياہ ولد محسياہ کي ان وقت ڏنو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان سندس بادشاهيءَ جي چوٿين سال بابل ڏانهن پئي ويو. سراياہ بادشاهہ جو خاص خدمتگار هو. 60مون هي سڀ مصيبتون، جيڪي بابل تي اچڻيون هيون سي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ لکي ڇڏيون هيون. ان کان علاوہ بابل جي بنسبت ٻيون سڀ ڳالهيون پڻ ان ۾ لکيون ويون هيون. 61مون سراياہ کي چيو تہ ”جڏهن تون بابل ۾ پهچين تڏهن ياد رک، اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍيان پڙهي ٻڌائجانءِ. 62پوءِ دعا گھرجانءِ تہ ’اي خداوند! تو ئي چيو آهي تہ تون هن شهر کي تباهہ ڪندين، انهيءَ لاءِ تہ ڪو انسان توڙي حيوان انهيءَ ۾ نہ رهي، بلڪ اهو هميشہ لاءِ ويران رهي.‘ 63#مڪا 18:21 چمڙي جي ويڙهوٽي کي پوريءَ طرح پڙهڻ کان پوءِ تون انهيءَ سان هڪڙو پٿر ٻڌي ان کي فرات نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏجانءِ. 64پوءِ هي لفظ چئجانءِ تہ ’بابل بہ ائين ئي ٻڏي ويندو ۽ وري نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ تي مصيبت آڻڻ وارو آهي.‘“
يرمياہ نبيءَ جو گفتگو هتي پورو ٿيو.