Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 32

32
يرمياہ نبيءَ جو ٻني خريد ڪرڻ
1 # 2.با 25‏:1‏-7 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهيءَ جي ڏهين سال جيڪو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جو ارڙهون سال هو، خداوند جو فرمان مون يرمياہ تي نازل ٿيو. 2ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس. 3بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو. 4بادشاهہ صدقياہ بابلين جي هٿان بچي نہ سگھندو، پر يقيناً بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو. صدقياہ کي پڪڙي سندس آڏو آندو ويندو، جتي هو ساڻس ڳالهائيندو. 5پوءِ هو صدقياہ کي بابل ڏانهن وٺي ويندو، جتي اهو تيستائين رهندو جيستائين آءٌ هن بابت ڪو فيصلو ڪريان. سو جيڪڏهن صدقياہ بابلين سان وڙهندو بہ تہ ڪامياب نہ ٿيندو.“
6 خداوند جو فرمان هي هو تہ 7”اي يرمياہ! تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم‌ايل تو وٽ اچي تو کي چوندو تہ ’منهنجي ٻني جيڪا عنتوت شهر ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اباڻي ٻني هجڻ ڪري اها خريد ڪرڻ جو تنهنجو ئي حق آهي.‘“
8سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“
مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي، 9سو مون عنتوت شهر واري اها ٻني پنهنجي سؤٽ کان #32‏:9 چانديءَ جي سترهن سڪن اٽڪل ٻہ سؤ گرام.چانديءَ جي سترهن سڪن ۾ خريد ڪئي. 10مون دستاويز تي صحيح ڪئي ۽ ان تي مهر هنئي، شاهد لکرايم ۽ سڪا توري ڏنم. 11پوءِ مون خريداريءَ وارو پڪو دستاويز کنيو جنهن تي مهر لڳل هئي ۽ منجھس شرط شروط تحرير هئا ۽ انهيءَ سان گڏ ان جو نقل بہ جيڪو مهر بند نہ هو. 12پوءِ مون پنهنجي سؤٽ حنم‌ايل، دستاويز ۾ ڄاڻايل شاهدن ۽ اڱڻ واري ڪمري ۾ ويٺل ٻين يهوداہ وارن جي روبرو خريداريءَ واري دستاويز جون ٻئي ڪاپيون باروڪ ولد نيرياہ ولد محسياہ کي ڏيئي ڇڏيون.
13مون انهن سڀني جي روبرو باروڪ کي هي نصيحتون ڪيون تہ 14”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو تو لاءِ حڪم آهي تہ ’مهر ٿيل ۽ بغير مهر وارو، اهي ٻئي دستاويز کڻي هڪڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ وجھي ڇڏ، تہ جيئن اهي گھڻن سالن تائين محفوظ رهن.‘ 15انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو آهي تہ ’اڳتي هلي هن ملڪ ۾ گھرن، ٻنين ۽ انگورن جي باغن جي وري خريد وَ فروخت ڪئي ويندي.‘“
يرمياہ جو خدا کان ٻنيءَ جي خريد ڪرڻ بابت پڇڻ
16باروڪ ولد نيرياہ کي خريداريءَ وارا دستاويز ڏيڻ کان پوءِ مون خداوند کان دعا گھري تہ 17”آہ! اي خداوند منهنجا خدا! تو پنهنجي وڏي قدرت ۽ زورآور هٿ سان زمين ۽ آسمان ٻيئي بڻايا آهن! تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي. 18تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين. 19تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن. 20تو مصر ۾ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڏيکاريا، بلڪ اڄ ڏينهن تائين تو بني اسرائيل ۾ توڙي سڄي انسانذات ۾ معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم جاري رکيا آهن. تو نالو ڪمايو آهي جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي. 21تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان معجزن ۽ هيبتناڪ ڪمن جي وسيلي وڏي دٻدٻي سان مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو. 22تو کين هي ملڪ ڏنو جنهن جي ڏيڻ جو تو سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيڪو هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي. 23هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.
24ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو. 25جيتوڻيڪ شهر بابلين جي حوالي ڪيو وڃڻو هو، تہ بہ اي خداوند خدا! تو مون کي چيو تہ ’پئسا ڏيئي هيءَ ٻني خريد ڪر ۽ ان سودي جا شاهد رک.‘“
26تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ 27”آءٌ خداوند سڄي انسانذات جو خدا آهيان. ڇا منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي؟ 28#2.با 25‏:1‏-11، 2.توا 36‏:17‏-21 تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر جي هٿ ۾ ڏيڻ وارو آهيان، جيڪو هن تي قبضو ڪري وٺندو. 29بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.
30 اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي اهي ئي ڪم ڪيا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب آهن. حقيقت ۾ بني اسرائيل قوم پنهنجي هٿن جي ڪيل ڪمن سان مون کي رڳو پئي ڪاوڙايو آهي، 31ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن يروشلم شهر بڻايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن شهر منهنجي ڪاوڙ کي ايترو تہ پئي اڀاريو آهي جو هاڻ ضروري آهي تہ آءٌ انهيءَ شهر کي مِٽائي ڇڏيان. 32هائو، بني اسرائيل جون بدڪاريون ايتريون ئي وڌي ويون آهن. يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن پنهنجي بادشاهن، عملدارن، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن سميت مون کي ڪاوڙ پئي ڏياري آهي. 33هنن مون کان پنهنجا منهن ڦيرائي مون ڏانهن پٺي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ مون کين بار بار تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ هنن منهنجي تربيت ڏانهن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو آهي، نڪي ڪا سيکت ئي قبول ڪئي اٿائون. 34#2.با 23‏:10، ير 7‏:30‏-31، 19‏:1‏-6 هيڪل، جيڪا منهنجي نالي سان ٿي سڏجي، تنهن ۾ هنن پنهنجا ڪراهت جهڙا بت کوڙي ان کي پليت ڪيو آهي. 35#لاو 18‏:21، 2.با 23‏:10، ير 7‏:31‏-33، 19‏:5‏-7 هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“
بحاليءَ جو واعدو
36يروشلم شهر بابت چيو وڃي ٿو تہ ”جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل اهو شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندو.“ تنهن هوندي بہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا وڌيڪ فرمائي ٿو تہ 37”جن ملڪن ڏانهن مون بني اسرائيل کي پنهنجي سخت غضب ۾ هڪالي ڪڍيو هوندو، تن سڀني مان آءٌ يقيناً آڻي کين گڏ ڪندس. آءٌ هنن کي هن هنڌ موٽائي وٺي ايندس ۽ کين سلامتيءَ سان آباد ڪندس. 38پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس. 39آءٌ کين وفادار دل عطا ڪندس تہ جيئن هو منهنجي سڌي رستي تي ئي هلن ۽ پنهنجي ڀلائيءَ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن. 40آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن. 41هنن سان چڱائي ڪري آءٌ خوشي محسوس ڪندس ۽ يقيناً آءٌ هنن کي هن ملڪ ۾ پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان ڄمائي ڇڏيندس.“
42 خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن مون ئي هيءَ وڏي مصيبت هن قوم تي آندي آهي، تيئن آءٌ ئي آهيان جيڪو هنن کي پوريءَ طرح اها خوشحالي عطا ڪندس، جنهن جو مون ساڻن واعدو ڪيو آهي. 43جيتوڻيڪ هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي، بلڪ اهو بابلين جي حوالي ڪيو ويو آهي،‘ تنهن هوندي بہ هن ملڪ ۾ هڪ دفعو وري ٻنين جي خريد وَ فروخت ڪئي ويندي. 44پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آس‌پاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 32: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in