Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 31

31
اسرائيل وارن جي وطن واپسي
1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“ 2خداوند اسرائيل وارن کي فرمائي ٿو تہ
”جيڪي ماڻهو قتل ٿيڻ کان بچي ويا،
تن کي #31‏:2 بيابان هن مان مراد آهي تہ اسرائيل ملڪ جي اتر وارن قبيلن يعني اسرائيل وارن جي ڀيٽ انهن بني اسرائيل وارن سان ڪئي ٿي وڃي جڏهن پراڻي زماني ۾ اهي مصر مان نڪري بيابان مان سفر ڪري رهيا هئا (ڏسو خروج 33‏:12‏-17).بيابان ۾ منهنجو فضل حاصل ٿيو.
جيئن تہ گھڻو اڳي بيابان ۾ بني اسرائيل آرام جي ڳولا ۾ هئا،
3سو مون خداوند اتي کين ڏيکاري ڏني.
اي اسرائيل وارؤ!
مون دائمي شفقت سان اوهان سان پيار ڪيو آهي،
جيڪو هميشہ قائم وَ دائم رهندو.
4آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا.
تڏهن اوهان اڳي وانگر
پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.
5اوهين وري سامريہ جي جبلن تي انگورن جا باغ لڳائيندا.
هائو، هاري انهن کي پوکيندا ۽ انهن جو ميوو کائيندا.
6هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو،
جڏهن نگهباني ڪندڙ افرائيم جي ٽڪرين تان پڪاري چوندا تہ
’اچو تہ #31‏:6 صيئون يعني يروشلم شهر جنهن ۾ خداوند جي هيڪل اڏيل هئي.صيئون ۾ خداوند پنهنجي خدا ڏانهن هلون.‘“
7 خداوند فرمائي ٿو تہ
يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو،
قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو.
هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ
’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم
بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘
8ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس،
بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس.
انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا،
پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون.
هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو.
9هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا،
تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس.
آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس،
جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان،
هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“
10 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو،
۽ ڏورانهن ساحلي علائقن ۾ وڃي اهو اعلان ڪريو تہ
’جنهن خداوند بني اسرائيل کي ڪڻو ڪڻو ڪيو
سو ئي کين وري گڏ ڪندو،
۽ انهن جي ائين سنڀال ڪندو،
جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ڌڻ جي سنڀال ڪندو آهي.‘
11مون خداوند اسرائيل وارن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي،
هائو، جيڪو کانئن ڏاڍو هو تنهن جي هٿان کين ڇڏايو اٿم.
12سو هو ايندا،
۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا،
ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا:
اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ.
هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.
13تڏهن ڪنواريون ڇوڪريون نچنديون ۽ خوشيون ڪنديون،
بلڪ جوان مرد توڙي پوڙها پڻ.
آءٌ انهن جي غم کي خوشيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندس.
هائو، آءٌ کين غم جي عيوض خوشي ۽ راحت عطا ڪندس.
14آءٌ ڪاهنن کي سکيو ستابو ڪري ڇڏيندس،
۽ منهنجي قوم منهنجي نعمتن سان مالا مال ٿي ويندي.
اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
اسرائيل وارن تي خداوند جو رحم
15 # پيد 35‏:16‏-19، مت 2‏:18 خداوند فرمائي ٿو تہ
”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي،
هائو، #31‏:15 راخل هيءَ يعقوب جي زال هئي، جيڪا يوسف ۽ بنيامين جي ماءُ ۽ يوسف جي ٻن پٽن افرائيم ۽ منسيءَ جي ڏاڏي هئي (ڏسو پيدائش 46‏:19‏-22). اسرائيل ملڪ وارن جي مصيبتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ خدا هتي راخل جو روئڻ هڪ مثال طور استعمال ڪيو آهي.راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي،
ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي،
سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.
16اي راخل! تون روئڻ بند ڪر،
۽ لڙڪ وهائڻ ڇڏي ڏي،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ
تو کي پنهنجي ٻارن ڄڻڻ جو اجر ضرور ملندو،
جو تنهنجو اولاد دشمنن جي ملڪن مان موٽي تو وٽ ايندو.
17مستقبل ۾ آءٌ انهن بابت تنهنجيون اميدون پوريون ڪندس.
بيشڪ تنهنجو اولاد موٽي پنهنجي وطن ۾ ايندو.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
18يقيناً مون اسرائيل وارن کي
روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ
’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي،
جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي،
۽ اسين سکي ويا آهيون.
سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ
هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون،
ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.
19گمراهيءَ کان پوءِ اسان توبهہ ڪئي.
سمجھي وٺڻ کان پوءِ اسان پنهنجي گوڏن تي هٿ هنيا.
اسين شرمندا ٿياسين ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيوسين،
ڇاڪاڻ تہ اسان جي قوم شروع کان ئي ذلت کنئي هئي.‘
20ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟
هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي،
تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن.
توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان،
تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن.
بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي،
سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
21سو اي پيارا اسرائيل وارؤ!
پنهنجي لاءِ رستي جا نشان کڙا ڪريو،
رستي جي سڃاڻپ لاءِ اوهين ٿنڀا لڳايو.
شاهي رستي ڏانهن ڌيان ڏيو،
يعني اهو رستو جنهن تان اوهان کي هلي اچڻو آهي.
هاڻي اوهين پنهنجن شهرن ڏانهن موٽي اچو.
22اي اوهين! جيڪي نٺر ڌيءَ مثل آهيو،
ڪيستائين پيا رلندا رهندا؟
خداوند دنيا ۾ هڪڙي نئين ڳالهہ پيدا ڪئي آهي،
جيڪا هن مثال جهڙي آهي جو
عورت کي مرد جو محافظ بڻايو وڃي.
خدا جي قوم جو روشن مستقبل
23قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘ 24تڏهن سڀ ماڻهو هاري توڙي ڌنار پنهنجن ڌڻن سميت يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا. 25آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس. 26تڏهن اهي مٺڙي ننڊ ڪندا ۽ تازا توانا ٿي اٿندا.“
27 خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ يهوداہ توڙي اسرائيل ملڪ کي انسانن توڙي ڍورن ڍڳن سان ڀري ڇڏيندس. 28جهڙيءَ طرح مون مٿن چوڪسي رکندي سندن پاڙون پٽيون، کين ٽڪرا ٽڪرا ڪيم، سندن تختو اونڌو ڪيم ۽ کين تباهہ وَ برباد ڪيم، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ انهن کي پوکڻ ۽ نئين سر اڏڻ ۾ مٿن چوڪسي رکندس. 29#حز 18‏:2 انهن ڏينهن ۾ ماڻهو وري ائين نہ چوندا تہ
’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن،
ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا.‘
30پر جيئن تہ جيڪو کٽا انگور کائيندو آهي تنهن جا ئي ڏند کٽا ٿيندا آهن، تيئن ئي هر ڪو پنهنجي گناهن جي ڪري ئي مرندو، نڪي پنهنجي وڏن جي گناهن ڪري.“
31 # مت 26‏:28، مر 14‏:24، لو 22‏:20، 1.ڪر 11‏:25، 2.ڪر 3‏:6 #عبر 8‏:8‏-12 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪڙو نئون عهد ٻڌندس. 32اهو عهد انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو، جڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندي کين مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. هنن اهو عهد ٽوڙي ڇڏيو هو، توڙي جو آءٌ سندن مالڪ هئس. 33#عبر 10‏:16 اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا. 34#عبر 10‏:17 هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
35اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ
۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي،
اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري،
جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون،
تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،
36هاڻ اهو ئي پنهنجي قوم سان واعدو ٿو ڪري تہ
”جيستائين منهنجو اهو مقرر ڪيل نظام قائم رهندو،
تيستائين بني اسرائيل جو اولاد بہ
منهنجي آڏو هميشہ قائم رهندو.
37جهڙيءَ طرح ڪو آسمان جي ماپ ڪري نہ ٿو سگھي،
نڪي زمين جو بنياد ئي ڪو لهي ٿو سگھي،
تهڙيءَ طرح آءٌ بني اسرائيل کي
سندن ڪيل گناهن جي باوجود بہ هرگز رد نہ ڪندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
38 خداوند ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن حنن‌ايل ٺُلهہ کان وٺي اولهہ پاسي جي ڪنڊ واري دروازي تائين مون خداوند جي نالي سان سڏيو ويندڙ شهر يروشلم وري تعمير ٿي ويندو. 39شهر جي حد اڃا بہ جاريب جي ٽڪريءَ تائين اڳتي سڌي سنئين هلي ويندي ۽ ڦري جوعاتہ تائين ايندي. 40اها سڄي ماٿري جتي لاش ۽ رک اڇلائي ويندي آهي ۽ اوڀر طرف سڀ پوٺا قدرون جي برساتي نهر تائين، ويندي اوڀر طرف گھوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، مون خداوند جي نالي مخصوص ٿيندي. اهو شهر وري ڪڏهن بہ پاڙان نہ پٽبو، نہ وري ڪڏهن ڊاٿو ويندو.“

Currently Selected:

يرمياہ 31: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in