يرمياہ 13:3-14
يرمياہ 13:3-14 SB
اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ. اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس.





