يرمياہ 5:17-6
يرمياہ 5:17-6 SB
خداوند فرمائي ٿو تہ ”لعنتي آهن اهي ماڻهو، جن جي دل مون خداوند کان ڦري ٿي وڃي، هائو، جيڪي مون کي ڇڏي ڪنهن انسان تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ هڪ فاني بشر کي پنهنجي طاقت ٿا بڻائين. اهي انهيءَ سڪل ٻوٽي وانگر ٿيندا، جيڪو برپٽ ۾ هوندو آهي. اهي بيابان جي سڪل ٺوٺ هنڌن ۾، ڪلراٺي ۽ ويران زمين ۾ ئي رهندا. هائو، اهي ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندا.





