9
اسرائيل وارن لاءِ سزا جو اعلان
1اي اسرائيل وارؤ!
اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بيوفائي ڪري
کانئس پري ٿي ويا آهيو.
هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان
پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي،
ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو،
تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو.
2پر اناج هجي يا زيتون جو تيل يا مئي
اهي سڀيئي اڳتي هلي اوهان جي خوراڪ لاءِ ڪافي نہ هوندا.
3اوهين خداوند جي چونڊيل ملڪ ۾ رهي نہ سگھندا،
اوهان مان ڪي مصر ڏانهن واپس هليا ويندا،
تہ ڪن کي وري اشور ملڪ ۾ حرام کاڌو کائڻو پوندو.
4اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ
خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا.
هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا،
نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا.
اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون،
جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي،
جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي.
جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا،
اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.
5اوهين خداوند جا مقرر ڪيل عيد جا ڏينهن ملهائي نہ سگھندا.
هائو، اوهين اهڙيون پاڪ گڏجاڻيون ڪري نہ سگھندا.
6اوهين تباهيءَ جي وقت پري پري تائين ٽڙي پکڙي ويندا،
پر پوءِ اوهين مصر ۾ اچي گڏ ڪيا ويندا،
جتي اوهين مري ويندا ۽ نوف شهر ۾ دفن ڪيا ويندا.
اوهين جيڪي چانديءَ جا خزانا ڇڏي ويندا،
تن کي ڪنڊن وارا ٻوٽا وڪوڙي ويندا.
هائو، اوهان جي ويران گھرن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪنڊا اڀري ايندا.
7 #
لو 21:22
هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن.
هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن.
تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ
اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ
۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي.
هو چون ٿا تہ ”هي نبي بيعقل آهي،“
اهي هيئن بہ چون ٿا تہ
”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“
8خداوند مون هوسيع کي اسرائيل وارن جي سڌاري لاءِ
نبي بڻائي موڪليو آهي.
پر هو جتي ڪٿي مون کي پکيءَ جيان
ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا،
بلڪ خدا جي هيڪل ۾ بہ مون کان ڏاڍي نفرت ڪئي ٿي وڃي.
9 #
ره 19:1-30
اي اسرائيل وارؤ! اوهين گناهن ۾ غرق ٿي ويا آهيو،
جيئن گھڻو وقت اڳ ۾ #9:9 جِبعت شهر هن شهر ۾ بنيامين قبيلي وارن مان ڪن ماڻهن هڪ لاويءَ جي سُريت سان زوري زنا ڪئي هئي، جنهن جي نتيجيءَ ۾ سڄي ملڪ اندر قبائلي جھيڙا شروع ٿي ويا هئا ۽ بنيامين قبيلي جا ذري گھٽ سڀ ماڻهو مارجي ويا هئا (ڏسو رهبرَ باب 19–21).جِبعت شهر ۾ ٿيا هئا،
اوهان جا ڪيل گناهہ خدا کان وسري نہ ويا آهن،
هو اوهان کي انهن جي سزا ضرور ڏيندو.
اسرائيل وارن جا گناهہ ۽ سندن سزا
10 #
ڳا 25:1-5
خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون خداوند بني اسرائيل کي ائين ڏٺو،
جيئن بيابان ۾ ڪا انگورن جي ول هجي،
مون انهن کي اهڙو پسند ڪيو،
جيئن وڻ جو ڪو پهريون ڦل هجي.
هائو، انجير جو اهو پهريون ڦل،
جيڪو موسم جي شروعات ۾ لهي.
پر هنن مون کي ڇڏي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪئي،
جيڪو ڪراهت جوڳو بت هو،
ائين ڪرڻ سان اُهي پنهنجي انهيءَ پياري بت جيان
بيحد ڪراهت جوڳا ٿي پيا.
11بني اسرائيل جا پويان بہ
پنهنجن ابن ڏاڏن وارين عادتن تي قائم رهيا،
سو هاڻي اسرائيل وارن جي وڏائي ۽ گھڻائي
پکيءَ جيان اُڏامي ويندي،
سندن عورتن کي حمل نہ ٿيندو،
هائو، منجھن ڪوبہ ٻار ڪين ڄمندو.
12توڙي هنن ٻار پالي وڏا ڪيا هوندا،
تہ بہ آءٌ انهن کي ماري ڇڏيندس،
تانتہ بني آدم منجھان اهي بلڪل نابود ٿي وڃن.
اهو ڏينهن انهن لاءِ ويل جو ڏينهن هوندو،
جڏهن آءٌ کانئن پري هليو ويندس.“
13اي خداوند! جيئن تو فرمايو،
تيئن آءٌ انهن جي ٻارن کي شڪار ٿيندي ڏسان پيو،
هائو، آءٌ کين شڪاريءَ جي هٿان ڪُسندي ڏسان پيو.
14هاڻي آءٌ تو کي انهن ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ ڇا چوان؟
بس، سندن ٻار پيٽ اندر ئي مري وڃن
۽ انهن جي مائرن جو ٿڃ سڪي وڃي!
15خداوند فرمائي ٿو تہ
”اسرائيل وارن جي بڇڙائي جِلجال کان ئي شروع ٿي،
هائو، آءٌ اتي ئي ساڻن ڏاڍي نفرت ڪرڻ لڳو هئس.
هاڻي آءٌ سندن بدڪاريءَ وارن ڪمن جي ڪري
کين پنهنجي چونڊيل ملڪ مان ڀڄائي ڪڍندس.
آءٌ انهن سان وري محبت نہ رکندس،
ڇاڪاڻ تہ سندن سڀ اڳواڻ مون کان باغي آهن.
16اسرائيل وارن کي هنڌائتو ڌڪ لڳو آهي،
جو انهن جي پاڙ سڪي ويئي آهي،
هاڻي هو ڦر ڪين جھلي سگھندا، هائو، هو بياولاد ئي رهندا.
پر جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿيو بہ تہ
آءٌ سندن انهيءَ پياري اولاد کي ڪهي ڇڏيندس.“
هوسيع جو اسرائيل وارن کي چتاءُ ڏيڻ
17منهنجو خدا اسرائيل وارن کي ڌڪاريندو،
ڇاڪاڻ تہ هنن انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.
اهي نافرماني ڪرڻ ڪري غير قومن ۾ دربدر ٿيندا.