Bible App logo
Search Icon

هوسيع 10

10
1 اسرائيل وارا اهڙي سرسبز انگوري ول جيان هئا،
جنهن ۾ جھجھو ڦر لڳندو هو.
پر جيئن جيئن سندن جھجھو ميوو پچندو ويو،
تيئن تيئن هو گھڻي کان گھڻيون
غير معبودن جون قربان‌گاهون اڏيندا ويا.
جيتري سندن زمين ڦلدار هئي،
اوترا ئي هنن سهڻا سهڻا ٿنڀن وارا بت جوڙيا.
2جيئن تہ هو دغاباز ۽ بي‌وفا ٿي ويا آهن،
تنهنڪري هو انهيءَ جي سزا ڀوڳيندا،
خدا سندن اهي قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏيندو،
۽ سندن بتن جا ٿنڀا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو.
3بيشڪ ٿوري وقت کان پوءِ هو ائين چوندا تہ
”اسان جو ڪوبہ بادشاهہ ڪونهي رهيو،
ڇاڪاڻ تہ اسين خداوند کان نہ ڊناسون.
پر جيڪڏهن بادشاهہ هجي بہ ها
تہ بہ هو اسان جي لاءِ ڇا ڪري ها؟
4اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا،
عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا،
۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون.
اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا،
جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“
5اسرائيل جي گاديءَ واري شهر
سامريہ جا سمورا رهاڪو ڏڪي ويندا،
# 10‏:5 بيت‌ايل اصلي بيت‌آون (ڏسو 4‏:15). بيت‌ايل جي سوني گابي جي وڃائجڻ ڪري هو ماتم پيا ڪندا،
انهن پوڄارين جا اڳواڻ
گابي جي اڳئين شان وَ شوڪت تي روئندا رڙندا.
6اشور جي عظيم شهنشاهہ وٽ نذراني طور
اهو گابي وارو بت پيش ڪيو ويندو.
اسرائيل وارا پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري خوار خراب ٿيندا.
7باقي رهيو سامريہ جو بادشاهہ،
تنهن کي ائين قيد ڪري نيو ويندو،
جيئن ڪنهن وڻ جا ڇوڏا پاڻيءَ ۾ لڙهندا آهن.
8 # لو 23‏:30، مڪا 6‏:16 #10‏:8 بيت‌ايل اصلي بيت‌آون (ڏسو 4‏:15).بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر،
جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن،
سي بلڪل ناس ڪيا ويندا.
هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون،
۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا.
تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ
”اسان جي مٿان ڪري پئو،“
۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“
خداوند جو اسرائيل وارن کي سزا ٻڌائڻ
9خداوند فرمائي ٿو تہ
# ره 19‏:1‏-30 #10‏:9 جِبعت ڏسو 9‏:9 جي صفحي هيٺ ڏنل سمجھاڻي.جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي
اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن.
هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن،
تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.
10آءٌ ڪاهي ايندس ۽ اچي انهن بدڪارن کي سيکت ڏيندس،
هائو، آءٌ ٻين قومن کي سندن خلاف گڏ ڪندس،
۽ کين گھڻن ئي گناهن جي سزا ڏني ويندي.
11اسرائيل وارا هڪ سيکاريل وهڙي مثل هئا،
جيڪو وهڙو اَن ڳاهڻ لاءِ بلڪل تيار هو،
سو مون ان جي مضبوط ڳچيءَ ۾ هڪڙي پاڃاري وڌي،
تہ جيئن اسرائيل وارا هر هلائين،
۽ يهوداہ وارا ساهر گھمائي ڀتر ڀڃن.
12 # ير 4‏:3 مون کين چيو تہ
’اوهان جي سوچ جيڪا غير آباد ٻنيءَ مثل آهي،
تنهن کي اوهين هر ڏيئي کيڙيو،
اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو ۽ وفاداري لڻو.
اهڙيءَ طرح اوهين مون خدا جا طالبو ٿيو،
تہ پوءِ آءٌ اچي اوهان تي حق سچ جي برسات وسائيندس.‘
13پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ،
اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي.
اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين،
۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.
14سو هاڻي اوهان جي قوم تي جنگ اچي ڪڙڪندي،
۽ اوهان جا سڀ قلعا ڊاهي ناس ڪيا ويندا،
جهڙيءَ طرح بادشاهہ شلمن جي ڏينهن ۾
بيت‌اربيل کي جنگ ۾ برباد ڪيو ويو هو.
انهيءَ جنگ ۾ مائرن کي ٻارن سميت اڇلائي ماريو ويو هو.
15ساڳيءَ طرح اي اسرائيل جي بيت‌ايل شهر جا رهاڪؤ!
اوهان جي گھڻي بڇڙائيءَ سبب اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو.
اي اسرائيل وارؤ!
اوهان جو بادشاهہ جنگ جي شروع ۾ ئي ماريو ويندو.“

Currently Selected:

هوسيع 10: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in