Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 3

3
1 # مڪا 10‏:9‏-10 تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي اڳيان رکيل ويڙهوٽو تون کائي ڇڏ، پوءِ وڃي بني اسرائيل جي ماڻهن سان ڳالهاءِ.“ 2سو مون پنهنجو وات کوليو تہ هن اهو ويڙهوٽو منهنجي وات ۾ وڌو. 3هن فرمايو تہ ”اي آدمزاد! هي ويڙهوٽو جو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، تنهن سان تون پنهنجو پيٽ ڀر.“ تڏهن مون اهو کاڌو. اهو ويڙهوٽو منهنجي وات کي اهڙو تہ مٺو لڳو جهڙي ماکي.
4پوءِ هن مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون بني اسرائيل جي ماڻهن وٽ وڃ ۽ جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي چوان ٿو سي ئي وڃي انهن کي ٻڌاءِ. 5آءٌ تو کي ڪنهن ڌاريءَ يا مشڪل ٻوليءَ واري قوم لاءِ ڪونہ ٿو مقرر ڪريان، بلڪ بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. 6جيڪڏهن آءٌ تو کي انهن وڏين قومن ڏانهن موڪليان، جن جون ٻوليون ڌاريون ۽ مختلف آهن ۽ جيڪي تون سمجھي نہ ٿو سگھين، تڏهن بہ اهي تنهنجيون ڳالهيون ضرور ٻڌندا. 7پر بني اسرائيل مان ڪوبہ تنهنجي ڪين ٻڌندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ ئي نہ ٿا گھرن. سڀيئي بني اسرائيل منهن جا پڪا ۽ ضدي آهن. 8ڏس، هاڻي آءٌ تو کي اهڙو منهن جو پڪو ۽ ضدي ڪندس، جهڙا اهي آهن. 9آءٌ تو کي اهڙو تہ پختو بڻائيندس، جهڙو ٽڪر. آءٌ تو کي اهڙو تہ سخت بڻائيندس، جهڙو هيرو. سو تون انهن باغي ماڻهن کان بلڪل نہ ڊڄ.“
10خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”اي آدمزاد! جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان سي ڌيان سان ٻڌ ۽ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي. 11تون روانو ٿيءُ ۽ انهن جلاوطنن کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ، پوءِ ڀلي اهي ٻڌن يا نہ.“
12پوءِ خدا جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن مون پنهنجي پٺيان هڪڙي وڏي گجگوڙ وارو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”مٿي آسمان ۾ خداوند جي جلال جي واکاڻ ڪريو.“ 13انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ساهوارن جي پرن جي هڪٻئي سان لڳڻ جو ۽ ڦيٿن جو ايڏو تہ وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جيئن زلزلي جو آواز هجي. 14جڏهن خداوند جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن خدا جي قدرت وڏي زور سان مون تي نازل ٿي. آءٌ تلخيءَ ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس. 15تنهن کان پوءِ آءٌ ڪبار نهر جي ڀرسان تل‌ابيت شهر ۾ رهندڙ جلاوطنن وٽ موٽي آيس. آءٌ ستن ڏينهن تائين اتي پنهنجي ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهين تي سڪتي ۾ ويٺو رهيس.
حزقي‌ايل جو نگهبان طور مقرر ٿيڻ
(حزقي‌ايل 33‏:1‏-9)
16ستن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ 17”اي آدمزاد! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر. 18جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس. 19پر جيڪڏهن تو انهن بدڪارن کي خبردار ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي بہ هو پنهنجي شرارت ۽ بڇڙائيءَ کان باز نہ آيا، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري مرندا، مگر تنهنجي جان بچي ويندي.
20وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس. 21پر جيڪڏهن تو انهن سچار ماڻهن کي خبردار ڪيو ۽ انهن تنهنجي نصيحت تي عمل ڪندي گناهہ نہ ڪيا، تہ پوءِ هو ضرور جيئرا رهندا ۽ تنهنجي جان بہ بچي ويندي.“
حزقي‌ايل جو گونگو ٿي پوڻ
22پوءِ خداوند جو طاقتور هٿ مون پنهنجي مٿان محسوس ڪيو، جنهن مون کي فرمايو تہ ”اُٿ، نڪري ماٿريءَ ڏانهن وڃ، تہ اتي آءٌ تو سان ڳالهائيندس.“ 23تڏهن آءٌ هڪدم اٿيس ۽ نڪري ماٿريءَ ۾ آيس. اتي مون کي خداوند جي جلوي جي تجلي ڏسڻ ۾ آئي، جهڙي مون ڪبار نهر جي ڪناري تي ڏٺي هئي. تڏهن آءٌ زمين تي منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيس. 24پر خدا جو روح مون ۾ گھڙي آيو ۽ مون کي اٿاري پيرن ڀر بيهاريائين. تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”موٽي پنهنجي گھر وڃ، ۽ اتي پنهنجو پاڻ کي نظربند ڪري ڇڏ. 25بلڪ ڏس، اي آدمزاد! تو کي رسين سان ٻڌي بند ڪيو ويندو ۽ تون ٻاهر ماڻهن منجھہ وڃي نہ سگھندين. 26آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهن ڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ هنن باغي ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جي لائق نہ رهندين. 27پوءِ جڏهن آءٌ تو سان وري ڳالهائيندس، تڏهن تو کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندس. پوءِ تون هنن کي مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌائج. انهن مان ڪي تہ اهو ٻڌندا پر ڪي ٻڌڻ کان انڪار ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي قوم وارا آهن.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in