Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 2

2
حزقي‌ايل جو پيغام پهچائڻ لاءِ مقرر ٿيڻ
1اهو آواز مون حزقي‌ايل سان مخاطب ٿيو تہ ”اي آدمزاد! پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ تو سان ڳالهايان.“ 2جڏهن هن مون سان ڳالهايو تڏهن خدا جو روح مون ۾ داخل ٿيو، جنهن مون کي پيرن ڀر اٿاري بيهاريو. تڏهن اهو آواز وري مون سان مخاطب ٿيو تہ 3”اي آدمزاد! آءٌ تو کي بني اسرائيل لاءِ ٿو مقرر ڪريان. هائو، آءٌ تو کي انهيءَ باغي قوم لاءِ مقرر ٿو ڪريان، جيڪا مون کان ڦري ويئي آهي. هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين منهنجي نافرماني پئي ڪئي آهي. 4اهي گستاخ ۽ ضدي آهن. پر مون خداوند خدا تو کي انهيءَ لاءِ چونڊيو آهي تہ تون وڃي انهن کي منهنجو پيغام ٻڌاءِ. 5جيئن تہ اهي باغي آهن، سو تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن يا نہ، پر گھٽ ۾ گھٽ هو ايترو تہ ڄاڻي وٺندا تہ منجھن ڪو نبي اچي ويو آهي.
6اي آدمزاد! تون انهن کان نہ ڊڄ، نڪي سندن ڳالهين کان ڪو خوف ڪر. جيتوڻيڪ اهي تنهنجي چوڌاري ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن وانگر آهن جو ڄڻ تہ تون وڇُن جي وچ ۾ آهين، تہ بہ تون انهن باغين جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي چهرن کان ڪو خوف کاءُ. 7سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.
8پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“ 9#مڪا 5‏:1 پوءِ جڏهن مون نهاري ڏٺو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو هٿ مون ڏانهن وڌيو ۽ ڏٺم تہ انهيءَ ۾ هڪڙو چمڙي جو ويڙهوٽو هو. 10اهو ويڙهوٽو کولي منهنجي آڏو رکيو ويو، جنهن جي ٻنهي پاسن تي گھڻو ڪجھہ لکيل هو. هائو، انهيءَ ۾ آہ وَ زاري، روڄ راڙو ۽ ڏک جا لفظ لکيل هئا.

Currently Selected:

حزقي‌ايل 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in