Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 13

13
نبي سڏائيندڙن خلاف پيغام
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن. 3آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ ويل آهي انهن احمق نبي سڏائيندڙن لاءِ! جيڪي پنهنجيءَ دل جي پيروي ڪن ٿا ۽ ڪابہ رويا ڪين ڏٺي اٿائون. 4بني اسرائيل جا نبي سڏائيندڙ انهن لومڙين جيان بيڪار آهن جيڪي تباهہ ٿيل شهر جي ويران جاين ۾ شڪار لاءِ رلن ٿيون. 5اهي بني اسرائيل جي بچاءَ لاءِ ڪوٽ جي مرمت نہ ٿا ڪن يعني اهي کين گناهہ ڪرڻ کان خبردار نہ ٿا ڪن، نڪي وري انهن جي طرفان ڀڳل ٽٽل ڀتين تي ٿا بيهن يعني مون خداوند آڏو اهي نہ ٿا پڪارين تہ جيئن منهنجي عدالت واري ڏينهن بني اسرائيل جيئرا رهي سگھن. 6سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس. 7پر آءٌ انهن کي ٻڌايان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! اوهان جون رويائون ڪوڙيون آهن ۽ اوهان جي غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اوهين ماڻهن کي چئو ٿا تہ اهو مون خداوند جو فرمان آهي، جڏهن تہ مون اوهان سان ڳالهايو ئي ڪونهي.‘
8آءٌ کين وڌيڪ چوان ٿو تہ ’اي نبي سڏائيندڙؤ! ياد رکو، جيئن تہ اوهان ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڪوڙيون رويائون ٻڌايون اٿوَ، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا اوهان جي خلاف آهيان. 9اوهان جي ڪوڙين رويائن ۽ گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿين جي ڪري آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو آهيان. اوهين منهنجي قوم جي وڏن جي ٽولي ۾ شامل نہ هوندا، نڪي اوهان جا نالا بني اسرائيل جي گھراڻن ۾ ليکيا ويندا ۽ نہ ئي وري ڪڏهن اوهين جلاوطنيءَ کان پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
10 # ير 6‏:14، 8‏:11 اوهان منهنجي قوم کي ائين چئي گمراهہ ڪيو آهي تہ سڀ ڪجھہ ٺيڪ آهي. جڏهن تہ ڪجھہ بہ ٺيڪ نہ آهي. اهو سڀ ائين آهي جيئن منهنجي قوم ڪچين ڀڳل سرن جي ڀت ٺاهي هجي ۽ اوهان اچي انهيءَ ڀت کي #13‏:10 گاري عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جو اچار ٻئي لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”بيڪار.“گاري سان ليپو ڏيئي ڇڏيو هجي تہ جيئن اها مضبوط ڏسڻ ۾ اچي، جڏهن تہ اصل ۾ ائين نہ آهي. 11سو اي ڀت کي گارو هڻڻ وارؤ! ٻڌي ڇڏيو تہ اها ڀت ڪيئن بچندي؟ جڏهن تمام سخت برساتون وسنديون ۽ وڏا وڏا ڳڙا پوندا ۽ طوفاني هوائون ان کي ڪيرائي وجھنديون، 12تڏهن هر ڪو اوهان کان نہ پڇندو ڇا تہ ”اوهان جي لڳايل گاري کان پوءِ بہ ڀت ڇو ڪري؟“
13آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اهو بلڪل ائين ئي ٿيندو. اها ڀت يروشلم شهر آهي، جنهن کي آءٌ پنهنجي غضب وچان سخت طوفان موڪلي ۽ پنهنجي قهر مان تمام زوردار برساتون ۽ غضبناڪ ڳڙا موڪلي ڀڃي چٽ ڪري ڇڏيندس. 14اهڙيءَ طرح جنهن شهر جي رهاڪن جا گناهہ اوهان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن کي آءٌ ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس، ايتري قدر جو انهيءَ جا بنياد ظاهر ٿي پوندا. اهو اوچتو ئي ڊهي پوندو ۽ انهيءَ جي هيٺان اچي اوهين سڀ مري چٽ ٿي ويندا. تڏهن اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘
15اهڙيءَ طرح آءٌ انهيءَ ڀت تي ۽ انهيءَ کي ڪچي گاري سان لنبڻ وارن تي پنهنجو قهر نازل ڪندس. پوءِ آءٌ اعلان ڪندس تہ ’نہ اها ڀت رهي آهي ۽ نہ وري انهيءَ کي لنبڻ وارا، 16هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
جادوگرياڻين خلاف پيغام
17خداوند فرمايو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون پنهنجي قوم جي انهن عورتن ڏانهن ڌيان ڏي، جيڪي پنهنجي دلين مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿيون ڪن. تون انهن جي خلاف 18مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ويل آهي اوهان عورتن لاءِ! جيڪي هر ڪنهن هٿ جي ويڻيءَ لاءِ جادوءَ وارو تعويذ ٿيون سبو ۽ هر ڪنهن مٿي لاءِ جادوءَ وارو رومال ٿيون ٺاهيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ماڻهو ٻين ماڻهن کي شڪار ڪن. اوهين منهنجي قوم جي ماڻهن جو شڪار ڪرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪنديون رهنديون ڇا؟ 19اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بي‌حرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن. 20هاڻي ڏسو، آءٌ خداوند خدا اوهان جي انهن تعويذن کان نفرت ٿو ڪريان جن سان اوهين جانين جو شڪار ٿيون ڪريو. آءٌ اهي اوهان جي ٻانهن تان ڇني ڦاڙي ڇڏيندس ۽ انهن جانين کي آزاد ڪري ڇڏيندس جن جو اوهين شڪار ٿيون ڪريو. 21آءٌ اوهان جا رومال بہ ڦاڙي ڇڏيندس ۽ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اهي جانيون اوهان جي هٿن جو شڪار نہ ٿينديون. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
22اوهان پنهنجن ڪوڙن سان سچارن جون دليون ٽوڙي وڌيون آهن، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جو غمگين ٿيڻ نہ ٿو چاهيان. ان کان علاوہ اوهان بدڪارن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جنهن جي ڪري اهي خراب رستي کان باز اچي پنهنجي جان نہ ٿا بچائين. 23تنهنڪري هاڻي اوهين وڌيڪ ڪوڙيون رويائون ڪڏهن بہ نہ ٻڌائي سگھنديون، نڪي گمراهہ ڪندڙ اڳڪٿيون ئي ڪري سگھنديون، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي اوهان جي هٿن کان ڇڏائيندس. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 13: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in