Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 12

12
جلاوطن ٿيل نبيءَ جو مثال
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2#يس 6‏:9‏-10، ير 5‏:21، مر 8‏:18 ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون اهڙي جلاوطن ٿيل باغي قوم جي وچ ۾ ٿو رهين، جن کي اکيون تہ آهن پر اهي منهنجا ڪم ڏسن ڪونہ ٿا، کين ڪن تہ آهن پر اهي منهنجو پيغام ٻڌن ڪونہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي آهن. 3تنهنڪري اي آدمزاد! تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي ڏسندي جلاوطن ٿيڻ جي مثال طور پنهنجو سامان تيار ڪر ۽ هنن جي ڏسندي اتان ٻئي هنڌ هليو وڃ. تڏهن اهي باغي شايد سمجھي وٺن تہ اهو مون خداوند جو پيغام آهي. 4‏-6هائو، تون ڏينهن ڏٺي جو هنن جي اکين اڳيان پنهنجو سامان ڪڍي ٻڌ، جيئن جلاوطنيءَ جو سامان ڪڍي ٻڌبو آهي. پوءِ شام جي وقت هنن جي ڏسندي پنهنجي گھر جي ٻاهرين ڀت ۾ سوراخ ڪري ڇڏ ۽ انهيءَ مان سامان ڪڍي ٻاهر رک. سج لهڻ کان پوءِ هنن جي ڏسندي اهو سامان پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي وڃ. تون پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيءُ، انهيءَ لاءِ تہ تون اهو شهر نہ ڏسين جنهن مان تون نڪري رهيو آهين. پوءِ جيئن شهر نيڪالي ڏنل ماڻهو روانا ٿيندا آهن تيئن ئي تون شهر مان نڪري وڃ. اهڙيءَ طرح تون جيڪي ڪجھہ ڪندين، سو بني اسرائيل لاءِ هڪڙي تنبيهہ هوندو.“
7مون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. مون ڏينهن ڏٺي جو پنهنجو سامان ڪڍي ٻاهر آندو، جيئن ڪو جلاوطنيءَ وقت ڪڍندو آهي. شام جي وقت مون پنهنجي هٿن سان ڀت ۾ سوراخ ڪڍي انهيءَ مان سامان ٻاهر کڻي رکيم ۽ سج لهڻ کان پوءِ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اهو پنهنجي ڪلهي تي رکي روانو ٿي ويس.
8ٻئي ڏينهن صبح جو خداوند مون کي فرمايو تہ 9”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! هاڻي جڏهن تہ بني اسرائيل جا اهي باغي ماڻهو تو کان پڇي رهيا آهن تہ ’تون هي ڇا پيو ڪرين؟‘ 10تڏهن تون انهن کي چئُہ تہ ’اهو خداوند خدا جي طرفان يروشلم جي بادشاهہ ۽ اتي رهندڙ بني اسرائيل بابت هڪڙو پيغام آهي. 11جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو اوهان لاءِ هڪڙي نشاني آهي تہ باقي بچيل يروشلم وارن سان بہ ائين ئي ڪيو ويندو، کين شهر نيڪالي ملندي ۽ اهي پڻ جلاوطن ڪيا ويندا. 12انهن جو بادشاهہ سج لهڻ کان پوءِ ڪلهي تي پنهنجو سامان کڻي ڀت جي انهيءَ سوراخ مان نڪري روانو ٿيندو جيڪو هن لاءِ کوٽيو ويندو. هو پنهنجو منهن ڍڪي روانو ٿيندو، انهيءَ لاءِ تہ اهو ملڪ نہ ڏسي سگھي جنهن مان هو روانو ٿي رهيو آهي. 13#2.با 25‏:7، ير 52‏:11 خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو. 14خداوند سندس آس‌پاس وارن سڀني مددگارن ۽ سندس سڀني درٻارين ۽ لشڪرن کي چئني طرفن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو ۽ ماڻهو تلوار کڻي مارڻ لاءِ سندن پٺيان لڳائي ڇڏيندو. 15جڏهن انهن کي ٻين قومن ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪيو ويندو، تڏهن هو ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي. 16پر هو انهن ماڻهن مان ڪن ٿورن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا کان بچائي وٺندو، انهيءَ لاءِ تہ هو جن جن قومن ۾ وڃن اتي کين پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي جنهن اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي.‘“
ڊڄندڙ ۽ ڏڪندڙ نبيءَ جو مثال
17 خداوند مون کي فرمايو تہ 18”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! تون ڏڪندي ماني کاءُ ۽ ڪنبندي ۽ ڊڄندي پاڻي پيءُ. 19تون بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي تو سان گڏ هتي بابل ۾ جلاوطن آهن، تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ يروشلم جا اهي رهاڪو جيڪي اڃا تائين سندن ملڪ ۾ رهن ٿا، تن بابت آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ هو خوف ۽ دهشت ۾ کائيندا پيئندا، ڇاڪاڻ تہ سندن ملڪ پنهنجي رهاڪن جي ظلم جي بدلي لٽجي ڦرجي خالي ٿي ويندو. 20جيڪي شهر ماڻهن سان آباد آهن سي تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو. پوءِ سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“
سزا جي پيغام جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آهي
21 خداوند مون کي فرمايو تہ 22”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل ڇو اها چوڻي دهرائيندا ٿا رهن تہ ’ڏينهن تہ گذرندا پيا وڃن ۽ ڪابہ اڳڪٿي پوري نہ ٿي ٿئي؟‘ 23تنهنڪري هاڻي تون انهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون خداوند خدا جو فرمان آهي تہ آءٌ اها چوڻي ختم ڪرائي ڇڏيندس. اها اڳتي وري بني اسرائيل ۾ پهاڪي طور ڪم نہ ايندي. انهيءَ جي بدران تون کين چئُہ تہ ’اهي ڏينهن اچي پهتا آهن جو هر اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.‘
24هاڻي اڳتي بني اسرائيل قوم ۾ ڪابہ ڪوڙي رويا نہ ڏٺي ويندي، نڪي وري ماڻهن کي خوش ڪندڙ ڪا غيبداني ڪئي ويندي. 25پر ڏس، آءٌ خداوند آهيان ۽ جيڪو بہ پنهنجو پيغام ڏيندس سو ضرور پورو ٿيندو. انهيءَ جي پوري ڪرڻ ۾ هاڻي ڪابہ دير نہ ٿيندي. هائو، اي باغي قوم وارؤ! جيڪو بہ پيغام آءٌ موڪليندس، تنهن تي اوهان جي ئي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ عمل ٿي ويندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
26 خداوند وري مون کي فرمايو تہ 27”اي حزقي‌ايل! بني اسرائيل تو کي چون ٿا تہ جيڪي رويائون ۽ پيغام تون ٻڌائين ٿو سي الائي گھڻن ڏينهن بعد، بلڪ ڪيتري عرصي کان پوءِ پورا ٿيندا. 28تنهنڪري تون انهن کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌائي ڇڏ تہ منهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ هاڻي دير ڪانہ ٿيندي، بلڪ جيڪا ڳالهہ مون ڪئي آهي سا جلد پوري ٿيندي. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 12: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in