دانيال 27:2-28
دانيال 27:2-28 SB
دانيال بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ ”جيڪو راز بادشاهہ سلامت پڇيو آهي، سو عالم توڙي نجومي، جادوگر توڙي فال وجھندڙ توهان کي بلڪل ٻڌائي نہ سگھندا. پر عرش تي هڪ خدا آهي، جيڪو ڳُجھين ڳالهين کي ظاهر ٿو ڪري، تنهن ئي توهان بادشاهہ سلامت کي اها ڳالهہ ڄاڻائي آهي تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو. هاڻي آءٌ توهان کي توهان جو خواب يعني اها رويا جيڪا توهان پنهنجي پلنگ تي سمهندي ڏٺي، سا ٻڌايان ٿو.





