Bible App logo
Search Icon

دانيال 20:2-22

دانيال 20:2-22 SB

چيو تہ ”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي. هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو. جيڪي ڳالهيون اونهيون ۽ ڳجھيون آهن، تن کي هو ئي ظاهر ڪري ٿو. جيڪي ڪجھہ بہ اوندهہ ۾ آهي تنهن کي هو ڄاڻي ٿو، ڇوجو وٽس ئي سوجھرو آهي.