YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 3

3
1سو اي اسرائيل وارؤ! خداوند جو هي فرمان ٻڌو، جنهن اوهان يعني سڄي بني اسرائيل قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو هو، سو فرمائي ٿو تہ
2”مون دنيا جي سڀني قومن مان
رڳو اوهان کي ئي چونڊيو آهي.
تنهنڪري آءٌ ئي اوهان کي
اوهان جي سڀني گناهن جي سزا ڏيندس.“
نبي خدا جي ڳجھہ جا امين
3ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ گڏيل بندوبست کان سواءِ
گڏ سفر تي نڪري سگھندا ڇا؟
4ببر شينهن کي ٻيلي ۾ جيستائين ڪو شڪار نہ ملي،
تڏهن بہ هو گجندو ڇا؟
يا جوان شينهن جيستائين ڪجھہ نہ پڪڙيو هجي،
تہ بہ هو پنهنجي غار مان گرڪندو ڇا؟
5جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ئي نہ اڏي ويئي هجي،
تہ ڪو پکي زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا؟
جڏهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسندي ئي نہ،
تہ اها ڪا مٿي اڇل کائيندي ڇا؟
6ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي،
تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟
يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي،
تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟
7بيشڪ خداوند خدا تيستائين ڪجھہ نہ ٿو ڪري،
جيستائين هو پنهنجو ڳجھہ
پنهنجي بندن نبين تي ظاهر نہ ٿو ڪري.
8ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟
خداوند خدا فرمايو آهي،
سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟
سامريہ شهر جو حشر
9خداوند ٿو فرمائي تہ
”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾
بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ
’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي
چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو.
هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘
10انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن،
بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.
11تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ
انهيءَ ملڪ کي هڪڙو دشمن گھيري هيٺ آڻيندو،
۽ شهرن جا ڪوٽ ڪيرائي وجھندو ۽ محلات لٽيا ويندا.“
12 خداوند وڌيڪ ٿو فرمائي تہ
”جيئن ڪو ڌنار شينهن جي وات مان کاڌل رڍ جا
رڳو ٻہ پاوا يا هڪ ڪن جو ٽڪرو ٿو ڇڏائي وٺي،
تيئن سامريہ ۾ رهندڙ بني اسرائيل مان ايترا تہ وڃي بچندا،
جيئن پلنگ جي رڳو ٻانهين يا کٽ جو ڪو پائو وڃي بچي.
13هائو، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا چوان ٿو تہ
اوهين ٻڌو ۽ يعقوب جي اولاد کي چتاءُ ڏيو.
14 # 2.با 23‏:15 جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل وارن کي
سندن گناهن جي سزا ڏيندس،
انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت‌ايل جي قربان‌گاهن کي بہ
تباهہ ڪري ڇڏيندس.
هائو، #3‏:14 قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن ۾ سڱ ٺهيل هئا ۽ جيڪي بہ ماڻهو جيستائين سڱن کي وڃي جھليو بيٺا هوندا هئا، تيستائين کين جان جي امان هوندي هئي (ڏسو 1.بادشاهَہ 1‏:50 ۽ 2‏:28).قربان‌گاهن جي ڪنارن وارا سڱ ڀڄي پوندا
۽ زمين تي وڃي ڪرندا.
15آءٌ سياري توڙي اونهاري وارا گھر برباد ڪري ڇڏيندس.
عاج سان سينگاريل گھر چٽ ٿي ويندا،
۽ ٻيا بہ گھڻا ئي گھر ناس ٿي ويندا.“
اهو خداوند جو فرمان آهي.

Currently Selected:

عاموس 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in