YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 2

2
(موآب لاءِ سزا)
1 # يس 15‏:1‏–16‏:14، 25‏:10‏-12، ير 48‏:1‏-47، حز 25‏:8‏-11، صف 2‏:8‏-11 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
#2‏:1 موآب اهو علائقو اسرائيل ملڪ جي اوڀر ۾ هو.موآب ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هنن ادوم جي بادشاهہ جا بہ
هڏا ساڙي چونو بڻائي ڇڏيا آهن.
2تنهنڪري آءٌ موآب ملڪ تي باهہ موڪليندس،
جيڪا قريوت جي محلاتن سميت سڀني کي
ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
اهڙيءَ طرح موآب وارا جنگ جي للڪار، نفيلن جي آواز،
۽ گوڙ گھمسان سان ختم ٿي ويندا.
3موآب جي حڪمران کي بہ
سندس سڀني عملدارن سميت آءٌ قتل ڪرائي ڇڏيندس.“
اهو خداوند جو فرمان آهي.
(يهوداہ لاءِ سزا)
4 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي،
۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون.
انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي،
جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.
5تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس،
جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت
سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
اسرائيل ملڪ لاءِ سزا
6 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ
اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري
آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس،
ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي،
تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض،
بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.
7اهي مسڪينن کي انصاف نہ ٿا ڏين،
بلڪ سندن مٿا ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ پيا لتاڙين.
منجھن پيءُ ۽ پٽ ٻيئي ساڳيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃي
منهنجي پاڪ نالي جي بي‌ادبي پيا ڪن.
8اهي هر قربان‌گاهہ وٽ
گروي رکيل ڪپڙن مٿان ليٽي ٿا پون،
۽ منهنجي هيڪل ۾
غريبن کان ڏنڊ طور وصول ڪيل مئي پيئن ٿا.
9‏-10 # شر 3‏:8‏-11 اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي
مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو،
۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم.
اوهان جي وڏن ڏٺو تہ
مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو،
جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور،
۽ شاهہ‌بلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا.
هائو، مون مٿان کان سندن ميوو،
۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون،
انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.
11 # ڳا 6‏:1‏-8 مون اوهان مان ڪي نبي ۽ ڪي #2‏:11 ناذيري يعني خدا لاءِ وقف ٿيل. اهي نہ پنهنجا وار ڪوڙائيندا هئا، نڪي وري ڪنهن ناپاڪ شيءِ يا ڪنهن لاش جي ويجھو ويندا هئا ۽ نہ وري مئي پيئندا هئا.ناذيري بڻايم.
پوءِ اي اسرائيل وارؤ! مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي؟
12پر اوهان ناذيرين کي مئي پيئاريو،
۽ نبين کي منهنجي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪئي.
13ڏسو، آءٌ اوهان کي ائين چيڀاٽي ڇڏيندس،
جيئن اناج سان ڀريل ڪا گاڏي ڪنهن کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي.
14تڏهن تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي،
۽ زورآور پنهنجو زور لڳائي نہ سگھندو،
نڪي ڪو جوڌو ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.
15ڪوبہ تيرانداز بيهي نہ سگھندو،
نڪي ڪو پيرن جو تکو،
يا وري ڪو گھوڙي سوار ئي پاڻ کي بچائي سگھندو.
16بهادرن ۾ بهادر بہ انهيءَ ڏينهن تي
هٿيار ڦٽا ڪري ڀڄي نڪرندو.“
اهو خداوند جو فرمان آهي.

Currently Selected:

عاموس 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in