3
(زالن ۽ مڙسن لاءِ تاڪيد)
1-2 #
اف 5:22، ڪل 3:18 اي زالون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن مڙسن جون تابعدار رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت پيغام کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان زالن جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي خدا جو خوف ڪندي ۽ پاڪيزہ هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي خدا ڏانهن ڇڪجي اچن. 3#1.تيم 2:9 اوهان جو سينگار وار ڳُتڻ، سونا زيور پائڻ ۽ عمدا ڪپڙا پهرڻ وارو ظاهري سينگار نہ هئڻ گھرجي. 4ان جي بدران اوهان جي باطني انسانيت حليم ۽ نرم طبيعت جي غيرفاني سينگار سان سينگاريل هجي. خدا جي نظر ۾ انهيءَ جو وڏو قدر آهي. 5اڳئين زماني ۾ بہ خدا تي ڀروسو رکندڙ پاڪيزہ عورتون پنهنجي پنهنجي مڙس جون تابعدار رهي انهيءَ ريت پاڻ کي سينگارينديون هيون. 6#پيد 18:12 اهڙيءَ طرح سارہ بہ ابراهيم جي فرمانبردار رهندي هئي ۽ کيس پنهنجو آقا چوندي هئي. اوهين بہ انهيءَ جون ڌيئر آهيو، بشرطيڪ نيڪ ڪم ڪريو ۽ ڪنهن بہ خوف جو شڪار نہ ٿيو.
7 #
اف 5:25، ڪل 3:19 اي مڙسؤ! اوهين بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن سان عقلمنديءَ سان هلو. عورت ذات کي پاڻ کان نازڪ سمجھي کيس عزت ڏيو ۽ ڄاڻو تہ اهي بہ نئين زندگيءَ جي نعمت ۾ اوهان سان گڏ وارث آهن. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دعائون رڪجي نہ وينديون.
(ايمان وارن جي ذميوارين جو نچوڙ)
8مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو. 9بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي. 10#زب 34:12-16 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”جيڪو بہ حياتي سکي گذارڻ چاهي
۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي،
سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي،
هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي.
11هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري.
هو صلح وَ سلامتيءَ جو طالبو هجي
۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي.
12انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون
سچارن تي کتل رهن ٿيون،
۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن.
پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“
سچائيءَ خاطر تڪليفون سهڻ
13جيڪڏهن اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آهيو تہ ڪير اوهان سان برائي ڪندو؟ 14#مت 5:10، يس 8:12-13 پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو. 15پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان 16۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا. 17ڏسو، جيڪڏهن خدا جي اها ئي مرضي هجي تہ اوهين نيڪي ڪرڻ سبب تڪليفون سهو، تہ اها ڳالهہ بدي ڪرڻ سبب تڪليفن سهڻ کان بهتر آهي.
18 #
1.ڪر 15:4-7
مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو. 19انهيءَ حالت ۾ هن انهن روحن وٽ وڃي پنهنجي فتح جو اعلان ڪيو جيڪي قيد ۾ هئا. 20#پيد 6:1–7:24 هي اهي روح هئا، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا. 21اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ بدن جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان خدا سان عهد اقرار ڪجي. اها بپتسما عيسيٰ مسيح جي وري جيئري ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي. 22هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.