2
جيئرو پٿر ۽ مخصوص قوم
1انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ هر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ کان پري اڇلايو. 2انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوهين بہ خدا جي فرمانن وارين نج ڳالهين جا طلبگار ٿيندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل ڇوٽڪاري ڏانهن وڌندا ويندا. 3#زب 34:8 هائو، اوهين طلبگار ٿيندا، بشرطيڪ اوهان خداوند جي مهربان هئڻ جو سواد چکيو هجي.
4اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيئري پٿر، يعني عيسيٰ مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو. 5اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون. 6#يس 28:16 هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ
”ڏسو، آءٌ #2:6 صيئون يعني يروشلم شهر. ٿي سگھي ٿو تہ هتي انهيءَ مان مراد يروشلم جا رهاڪو آهي.صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو،
جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي.
جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو،
سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“
7 #
زب 118:22
تنهنڪري اوهان ايمان آڻڻ وارن لاءِ اهو قيمتي آهي. پر ايمان نہ آڻڻ وارن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ هي لکيل آهي تہ
”جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي،“
8 #
يس 8:14-15
۽
”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،
يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“
سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.
9 #
خر 19:5-6، يس 43:20،21، شر 4:20، 7:6، 14:2، طيط 2:14، يس 9:2 پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي. 10#هوس 2:23 اڳي اوهين ڇڙوڇڙ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي قوم آهيو. اڳي اوهان تي رحمت ڪونہ ٿي هئي، پر هاڻي خدا جي رحمت ٿي اٿوَ.
مسيح ۾ ايمان وارن جون ذميواريون
(2:11–3:12)
11اي عزيزؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن دنيا ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي انهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين. 12غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.
(حاڪمن جو تابعدار رهڻ)
13 خداوند جي خاطر هر انساني اختياريءَ جا تابعدار رهو مثال طور شهنشاهہ جا، انهيءَ ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ اختيار وارو آهي. 14اهڙيءَ طرح حاڪمن جا انهيءَ ڪري تابعدار رهو جو اهي شهنشاهہ جا مقرر ڪيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ اهي بڇڙن کي سزا ڏين ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ وارن جي ساراهہ ڪن. 15اهڙي نموني ئي اوهين تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ نيڪ ڪم ڪرڻ سان اوهين نادانيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ وارن بيوقوف ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيو. 16اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ خدا جي ٻانهن وانگر زندگي گذاريو. 17سڀني جي عزت ڪريو، همايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، خدا جو خوف رکو ۽ شهنشاهہ جو احترام ڪريو.
(تڪليفن سهڻ ۾ مسيح غلامن لاءِ نمونو)
18اي غلامؤ! ڏاڍي ادب سان پنهنجن مالڪن جي تابع رهو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ ظالمن جي بہ. 19هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي بيانصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي. 20ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي. 21انهيءَ ڳالهہ لاءِ ئي خدا اوهان کي سڏيو آهي. هائو، صبر سان تڪليفون سهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ تہ مسيح بہ اوهان جي خاطر تڪليفون سٺيون. ائين هو اوهان کي هڪڙو نمونو ڏيئي ويو آهي، تہ جيئن اوهين سندس نقشِقدم تي هلندا رهو. 22#يس 53:9 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
”هن نڪي ڪو گناهہ ڪيو
۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“
23 #
يس 53:7
هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين. 24#يس 53:5 هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. 25#يس 53:6 هائو، اڳي اوهين ڀٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان وٽ موٽي آيا آهيو.