1.يوحنا 1:4-2
1.يوحنا 1:4-2 SB
اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا. خدا جي روح کي اوهين هن طرح سڃاڻي سگھو ٿا تہ جيڪو ماڻهو قبول ڪري ٿو تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو، تنهن ۾ خدا جو روح آهي.








