مڪاشفو 5
5
1جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو. 2۽ مون هڪڙي زور واري ملائڪ کي وڏي آواز سان هيءَ منادي ڪندو ڏٺو، تہ هن ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي جي مهر ڀڃڻ جي لائق ڪير آهي؟ 3۽ ڪوبہ شخص آسمان يا زمين تي، يا زمين جي هيٺان، ڪتاب کولي يا انهي ڏانهن نهاري نٿي سگهيو. 4۽ مون کي گهڻو روئڻ آيو، جو ڪوبہ انهي ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي ڏانهن نهارڻ جو لائق نہ نڪتو؛ 5تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي. 6۽ مون انهي تخت ۽ چئن جاندارن جي وچ ۾، ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾، هڪڙو گهيٽو بيٺل ڏٺو؛ جو ڄڻ تہ ڪُٺو ويو هو، ۽ انهي کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون، جي خدا جا ست روح آهن، ۽ ساري زمين تي موڪليل آهن. 7۽ هو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ مان ڪتاب ورتائين. 8۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن. 9۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي، 10۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا. 11۽ مون ڏٺو ۽ اُنهي تخت، ۽ اُنهن جاندارن، ۽ بزرگن جي چوگرد گهڻن ئي ملائڪن جو آواز ٻُڌم؛ ۽ اُهي شمار ۾ لکن جا لک ۽ هزارن جا هزار هئا؛ 12۽ اُنهن وڏي آواز سان پئي چيو تہ جيڪو گهيٽو ڪُٺو ويو آهي سو قدرت، ۽ دولت، ۽ حڪمت، ۽ طاقت، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ تمجيد جي لائق آهي. 13۽ سڀڪا خلقيل شيءِ، جا آسمان ۽ زمين تي، ۽ زمين جي هيٺان، ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ سڀ شيون جي انهن ۾ آهن، تن کي مون هيئن چوندو ٻُڌو تہ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي، ۽ انهي گهيٽي جي تمجيد، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ حڪومت شل هميشہ تائين هجي. 14۽ انهن چئني جاندارن چيو، آمين. پوءِ اُهي بزرگ پيرين پئي سجدو ڪرڻ لڳا.
Currently Selected:
مڪاشفو 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: