مڪاشفو 4
4
1انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ آسمان ۾ هڪڙو کليل دروازو آهي، ۽ پهريون آواز جو مون ٻُڌو، سو تريءَ جهڙو هو، جنهن مون سان ڳالهائي چيو تہ هيڏانهن اچ، تہ آئون توکي اهي ڳالهيون ڏيکاريندس جي هن کانپوءِ ٿيڻ واريون آهن. 2اُنهي دم آئون روح ۾ اچي ويس؛ ۽ ڏسو، آسمان ۾ هڪڙو تخت رکيل هو، ۽ انهي تخت تي هڪڙو شخص ويٺو هو؛ 3۽ جيڪو انهي تي ويٺو هو سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو هو؛ ۽ تخت جي چوڌاري اڌنڪ هئي، جا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي هئي. 4۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا. 5۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛ 6۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون. 7۽ پهريون جاندار شينهن جهڙو هو، ٻيو جاندار گابي جهڙو، ۽ ٽئين جاندار جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ چوٿون جاندار اُڏامندڙ عقاب جهڙو هو. 8۽ انهن چئني جاندارن مان هرهڪ کي ڇهہ پر هئا، ۽ چوڌاري ۽ اندران اکين سان ڀريا پيا هئا؛ ۽ اهي رات ڏينهن سدائين پيا ڳائين، قدوس، قدوس، قدوس آهي خداوند خدا، قادر مطلق، جو هو، ۽ آهي، ۽ اچڻ وارو آهي. 9۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، ۽ جو هميشہ آباد آهي تنهن جي، جڏهن اهي جاندار تعظيم ۽ عزت ۽ شڪرگذاري ٿا ڪن، 10تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ 11اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.
Currently Selected:
مڪاشفو 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: