مڪاشفو 14:12-16
مڪاشفو 14:12-16 SB62
۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي. ۽ نانگ اُنهيءَ زال پٺيان پنهنجي وات مان نديءَ وانگر پاڻي ڪڍيو، انهي لاءِ تہ کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي. پر زمين انهيءَ زال جي مدد ڪئي، ۽ زمين پنهنجو وات پَٽي جيڪا ندي ازدها پنهنجي وات مان ڪڍي هئي، سا ڳڙڪائي ويئي.





