ڳاڻاٽو 8
8
1سو خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2هارون کي چئُہ تہ جڏهن تون ڏيئا ٻارين، تڏهن ست ئي ڏيئا شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪن. 3سو هارون ائين ڪيو، جو انهيءَ شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 4۽ شمعدان جي بناوٽ هن طرح هئي: اهو گهڙيل سون مان ٺهيل هو؛ تري کان گلن تائين سڄو گهڙيل هو: جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو هن شمعدان جوڙيو.
5۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 6بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري مخصوص ڪر؛ 7۽ انهن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ هيئن ڪر: يعني پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي انهن تي ڇاٽار، ۽ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گهمائين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڻ کي پاڪ ڪن. 8پوءِ هو هڪڙو وهڙو آڻين، ۽ انهي جي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين، ۽ تون گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻيو وهڙو وٺ؛ 9۽ تون لاوين کي جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آڻي حاضر ڪن، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت آڻي گڏ ڪر. 10۽ تون لاوين کي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، ۽ بني اسرائيل پنهنجا هٿ لاوين تي رکن؛ 11۽ هارون بني لاوين کي خداوند جي حضور ۾، بني اسرائيل جي پاران لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪري؛ انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين. 12پوءِ لاوي پنهنجا هٿ وهڙن جي مٿن تي رکن، ۽ تون انهن وهڙن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪر، تہ لاوين جي واسطي ڪفارو ڏنو وڃي. 13پوءِ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان آڻي بيهار، ۽ انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر. 14انهيءَ طرح تون بني اسرائيل مان لاوين کي ڌار ڪر، پوءِ لاوي منهنجا ٿيندا. 15انهي کان پوءِ لاوي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين، ۽ تون انهن کي پاڪ ڪري لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪر؛ 16ڇالاءِ جو اهي سڀيئي بني اسرائيل مان مون کي پوريءَ طرح مليل آهن، ڇو جو مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن ٻارن جي بدلي، پنهنجي واسطي چونڊيو آهي: 17بني اسرائيل مان سڀ پهريتا ٻار، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، اهي سڀ منهنجا آهن. جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀني پهريتن کي ماري وڌو، انهي ڏينهن مون هنن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيو. 18۽ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي ورتو آهي. 19۽ بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي، مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ هو جماعت واري تنبوءَ ۾، بني اسرائيل جي عيوض خدمت ڪن، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪندا رهن؛ تہ جڏهن بني اسرائيل پاڪ مڪان جي ويجهو اچن، تڏهن منجهن طاعون نہ پوي. 20سو موسيٰ، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت، لاوين سان انهيءَ طرح ڪيو؛ جيئن خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل انهن سان ڪيو. 21۽ لاوين پاڻ کي گناهہ کان پاڪ ڪيو، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا، ۽ هارون انهن کي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيو، ۽ هارون انهن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ڪيو. 22انهي کان پوءِ لاوي پنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيا؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي لاوين بابت حڪم ڏنو هو، تيئن انهن ساڻن ڪيو.
23۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 24لاوين جي ذمي جيڪو ڪم آهي، سو هي آهي؛ يعني جن جي عمر پنجويهہ ورهيہ ۽ انهي کان مٿي هجي، سي جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن؛ 25۽ جڏهن پنجاهہ ورهين جا ٿين، تڏهن خدمت ڪرڻ کان بس ڪن، ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن. 26پر جماعت واري تنبوءَ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ نگهبانيءَ جو ڪم ڪندا رهن، ۽ ٻي ڪابہ خدمت نہ ڪن. سو جيڪي ڪم لاوين کي سونپيا ويا آهن، تن بابت تون ساڻن ائين ڪج.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 8: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: