ڳاڻاٽو 9
9
1جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي پهرين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2بني اسرائيل ٺهرايل وقت تي فسح جي عيد ملهائين. 3انهي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو ٺهرايل وقت تي اوهين اها ملهائجو؛ انهيءَ جي سڀني قانونن ۽ حڪمن موجب اها ملهائيندا رهجو. 4سو موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ اوهين فسح جي عيد ملهائجو. 5تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو فسح ملهائيو. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو. 6۽ اتي ڪي ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿيا هئا، جنهنڪري هو انهي ڏينهن فسح ڪري نہ سگهيا. تنهنڪري هو انهي ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا، 7۽ انهن کي چيائون تہ اسين هڪڙي مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيا آهيون، سو اسين بني اسرائيل مان، خداوند جي لاءِ ٺهرايل وقت تي قرباني چاڙهڻ کان روڪيا وڃون ڇا؟ 8تڏهن موسيٰ چين تہ اوهين ترسو تہ مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي نسبت ۾ ڇا ٿو فرمائي.
9۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 10بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪو ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿئي، يا ڪنهن ڏورانهينءَ مسافريءَ ۾ هجي، تہ بہ هو خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ملهائي. 11ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو هو اها عيد ملهائين، ۽ هو اها فطيري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان گڏ کائين. 12هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائين، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃن: فسح جي سڀني قانونن موجب هو اها بجاءِ آڻين. 13پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو. 14۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان ۾ اچي رهي، ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ هو فسح جي قانون ۽ حڪم موجب هلت ڪري. اوهان جي لاءِ هڪڙو ئي قانون آهي؛ جهڙو پرديسيءَ لاءِ، تهڙو ئي انهي لاءِ جو ملڪ ۾ ڄاول هجي.
15۽ جنهن ڏينهن عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو، تنهن ڏينهن ڪڪر عبادتگاهہ کي، يعني شهادت جي تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ سانجهيءَ جو اهو عبادتگاهہ جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو، جيسين ڪ وري صبح ٿيو. 16انهيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڪڪر انهي تي ڇانوَ ڪندو هو، ۽ رات جو باهہ وانگي ڏسڻ ۾ ايندو هو. 17۽ جڏهن ڪڪر تنبوءَ تان کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل انهي جي پٺيان ڪوچ ڪري هلندا هئا، ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو، انهيءَ جاءِ تي بني اسرائيل منزل ڪندا هئا. 18خداوند جي حڪم تي بني اسرائيل ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا؛ جيستائين ڪڪر خيمي جي مٿان رهندو هو، تيستائين هو منزل ڪري ويٺا هوندا هئا؛ 19۽ جڏهن ڪڪر خيمي جي مٿان گهڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو، تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب خدمت ڪندا هئا، ۽ اڳتي ڪوچ ڪين ڪندا هئا. 20۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان ٿورا ڏينهن بيهندو هو، تڏهن هو خداوند جي حڪم موجب منزل ڪري ويهندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم موجب ڪوچ ڪندا هئا. 21۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو، ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو، تڏهن هو ڪوچ ڪري نڪرندا هئا: ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهي وقت هو ڪوچ ڪندا هئا. 22پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا. 23خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي هٿان مليو هو، تنهن موجب هو، خداوند جي خدمت ڪندا هئا.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 9: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: