ڳاڻاٽو 18
18
1پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو. 2۽ تون لاويءَ جي قبيلي وارن پنهنجن ڀائرن کي، يعني پنهنجي پيءُ جي قبيلي کي بہ آڻي پاڻ سان گڏ ڪر، تہ اهي بہ تو سان شامل ٿين، ۽ تنهنجي خدمت ڪن؛ پر تون، ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ شاهديءَ واري تنبوءَ جي اڳيان حاضر رهو. 3۽ اهي تنهنجي شين جي، ۽ ساري تنبوءَ جي حفاظت ڪن: رڳو پاڪ مڪان جي ٿانون ۽ قربانگاهہ جي ويجهو نہ اچن، متان اهي ۽ اوهين مري وڃو. 4۽ اهي تو سان شامل ٿي، جماعت واري تنبوءَ جي حفاظت ڪن، ۽ انهي تنبوءَ جي سڀڪا خدمت ڪن، ۽ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو اوهان جي ويجهو نہ اچي. 5۽ اوهين پاڪ مڪان جي ۽ قربانگاهہ جي حفاظت ڪجو: تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي غضب نازل نہ ٿئي. 6۽ ڏسو، مون اوهان جي ڀائرن، يعني بني لاوين کي بني اسرائيل مان ورتو آهي: اهي اوهان کي خداوند جي لاءِ بخشش طور ڏنا ويا آهن، تہ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪن. 7پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.
8۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ ڏس، مون پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون تنهنجي حوالي ڪيون آهن، يعني بني اسرائيل جون سڀ پاڪ شيون توکي ڏنيون اٿم: مسح ڪرڻ جي ڪري مون اهي تو کي، ۽ تنهنجن پٽن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن. 9جيڪي شيون تمام پاڪ آهن، تن مان جيڪو باهہ کان بچايو ويندو سو تنهنجو ٿيندو: ۽ هنن جو هرڪو نذرانو، يعني هنن جي هرڪا کاڌي جي قرباني، ۽ هرڪا گناهہ جي قرباني، جا هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، سا تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجن پٽن جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندي. 10انهن کي تون تمام پاڪ شين وانگر کائج: هرڪو مرد ماڻهو انهن مان کائي؛ اهي تنهنجي لاءِ پاڪ آهن؛ 11۽ هنن جي نذر مان، کڻڻ واري قرباني تنهنجي ٿيندي، يعني بني اسرائيل جون سڀ کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي، ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو. 12سڀ کان چڱو تيل، ۽ سڀ کان چڱي مئي، ۽ سڀ کان چڱو اَن، يعني انهن جو پهريون ڦل، جو اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سو مون تو کي ڏنو آهي. 13انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا، جي اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سي تنهنجا ٿيندا؛ تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو. 14اسرائيلين جي هرڪا شيءِ، جا وقف ڪئي ويندي، سا تنهنجي ٿيندي. 15سڀني جاندارن مان پيٽ جو پهريون ڦل، جنهن کي اهي خداوند جي لاءِ نذر ڪندا، سو تنهنجو ٿيندو، پوءِ اهو انسان جو هجي توڙي حيوان جو: پر تون انسان جي پهرين ڄاولن لاءِ عيوضو وٺي اُنهن کي ڇڏي ڏج، ۽ ناپاڪ حيوانن جي پهرين ڄاولن جو بہ تون عيوضو وٺج. 16انهن مان جن جو عيوضو ڏيڻو آهي، سي جڏهن هڪ مهيني جا ٿين، تڏهن انهن کان تنهنجي ٺهرايل انداز موجب، عبادتگاهہ جو مشقال، جنهن ۾ ويهہ جيراہ ٿا ٿين، اهڙا پنج مشقال وٺج. 17پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي. 18انهن جو گوشت تنهنجو ٿيندو، جهڙيءَ طرح لوڏيل سينو ۽ ساڄي ران تنهنجا آهن. 19پاڪ شيون جيڪي بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن مان کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: اهو تنهنجي لاءِ ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جي لاءِ، خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي واسطي لوڻ جو عهد آهي. 20۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ هنن جي زمين ۾ تو کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، نڪي هنن ۾ تنهنجو ڪو حصو ٿيندو: بني اسرائيل ۾ تنهنجو حصو ۽ تنهنجو ورثو آءٌ آهيان.
21۽ ڏس، بني لاوي جيڪا خدمت ڪن ٿا، يعني جيڪا خدمت هو جماعت واري تنبوءَ جي ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون هنن کي اسرائيل ۾ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڏهون حصو ورثي طور ڏنو آهي. 22۽ اڳتي بني اسرائيل جماعت واري تنبوءَ جي ويجهو نہ اچن، متان هو پاڻ تي گناهہ کڻن ۽ مري پون. 23پر لاوي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ڪن، ۽ اهي هن جو گناهہ کڻن: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون رهندو، ۽ بني اسرائيل مان انهن کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو. 24ڇالاءِ جو ڏهون حصو جو هو خداوند لاءِ کڻڻ واري قرباني ڪري ٿا ڏين، سو مون لاوين کي ورثو ڪري ڏنو آهي: تنهنڪري مون هنن کي چيو آهي تہ بني اسرائيل مان هنن کي ڪوبہ ورثو نہ ملندو.
25۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 26لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو. 27۽ اها اوهان جي کڻڻ واري قرباني اوهان جي لاءِ ائين شمار ۾ ايندي جيئن ڄڻ تہ ڳاهڻ واريءَ ٻار جو اَن آهي، ۽ شراب جي چيچڙي جي ڀرپورائي آهي. 28انهي طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قرباني ادا ڪجو؛ ۽ انهيءَ مان خداوند جي کڻڻ واري قرباني اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو. 29پنهنجن سڀني نذرانن مان جيڪي تمام چڱا هجن، يعني انهن جو جيڪو حصو پاڪ ٺهرايل هجي، تنهن سڀ مان، اوهين خداوند جي لاءِ سڀڪا کڻڻ واري قرباني ادا ڪجو. 30تنهنڪري تون هنن کي چئج تہ جڏهن انهي مان اوهين تمام چڱو ڀاڱو مٿي کڻو، تڏهن اُهو لاوين لاءِ ڳاهڻ واري ٻار، يا شراب جي چيچڙي جي زيادہ پيدائش شمار ۾ ايندي. 31۽ اها اوهين، ۽ اوهان جا گهراڻا هر ڪنهن هنڌ ڀلي کائين: ڇالاءِ جو اُها اوهان جي انهي خدمت جي عيوض ۾ انعام ڏنل آهي، جا اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪريو ٿا. 32۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.
Currently Selected:
ڳاڻاٽو 18: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: