YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 17

17
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کانئن سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، يعني سندن سڀني سردارن کان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هڪ هڪ لٺ، يعني مڙيئي ٻارهن لٺيون وٺ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک. 3۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي. 4۽ تون اهي جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ جي صندوق جي اڳيان، جتي آءٌ توسان گڏبو آهيان، اُتي آڻي رک. 5۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس. 6سو موسيٰ بني اسرائيل کي اها ڳالهہ ٻڌائي، ۽ انهن جي سردارن مان هرهڪ سردار پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب هڪ هڪ لٺ ڏني، يعني هنن کيس ٻارهن لٺيون ڏنيون، ۽ هارون جي لٺ بہ هنن جي لٺين ۾ هئي. 7۽ موسيٰ اُهي شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون. 8۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن. 9تڏهن موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور مان کڻي، سڀني بني اسرائيلين وٽ آنديون، ۽ هنن ڏٺو، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ ورتي. 10پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن. 11سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.
12پوءِ بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ڏس، اسين تباهہ ٿا ٿيون، اسين چٽ ٿا ٿيون، اسين سڀيئي چٽ ٿا ٿيون. 13جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 17: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in