YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 23

23
1۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جن جي لاءِ اوهين پاڪ جماعتن جي گڏ ٿيڻ جي پڌرائي ڪندا، سي منهنجون مقرر ڪيل عيدون هي آهن. 3ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي: پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، جنهن تي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني گهرن ۾ خداوند جو سبت آهي.
4هي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، يعني پاڪ جماعتون، جن جي اوهين ٺهرايل وقت تي پڌرائي ڪجو. 5پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو خداوند جو فسح آهي. 6۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ خداوند جي لاءِ فطيري مانيءَ جي عيد آهي: ست ڏينهن اوهين فطيري ماني کائجو. 7پهرئين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو: ۽ ٻيو ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 8پر ستين ڏينهن اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهجو: ۽ ستون ڏينهن پاڪ مجلس جو ڏينهن آهي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
9۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 10تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪا زمين آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو، ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين پنهنجي فصل جي پهرئين اَن جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو: 11۽ هو اهو گڏو خداوند جي حضور ۾ لوڏي، تہ اوهان جي طرفان اهو قبول پوي: سبت جي ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاهن اهو لوڏي. 12۽ جنهن ڏينهن اهو گڏو لوڏيو وڃي، تنهن ڏينهن اوهين خداوند جي لاءِ هڪڙو يڪسالو بي عيب گهيٽو، سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيش ڪجو. 13۽ انهي سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو، تيل ۾ ڳوهيل هجي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي: ۽ انهي سان گڏ پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي هين جي چوٿين حصي جيتري مئي هجي. 14۽ جيسين اوهين انهي ساڳئي ڏينهن، پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني نہ آڻيو، تيسين اوهين نہ ماني کائجو، نہ ڀڳل اَن، ۽ نڪي تازا سنگ کائجو: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين لاءِ اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.
15۽ اوهين سبت جي ٻئي ڏينهن جي صبح کان، يعني جنهن ڏينهن اوهين لوڏڻ جي قربانيءَ جو گڏو آڻيو؛ انهي ڏينهن کان وٺي پنهنجي لاءِ پورا ست سبت ڳڻجو: 16۽ ستين سبت جي ٻئي ڏينهن جي صبح تائين، اوهين پورا پنجاهہ ڏينهن شمار ڪجو؛ پوءِ اوهين خداوند جي لاءِ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪجو. 17اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي. 18۽ اوهين انهيءَ مانيءَ سان گڏ ست يڪسالا بي عيب گهٽا، هڪڙو وهڙو، ۽ ٻہ گهيٽا پيش ڪجو: اهي کاڌي جي قربانيءَ ۽ پيئڻ جي قربانيءَ سان گڏ، خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هجن، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي. 19۽ اوهين گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ يڪسالا گهيٽا پيش ڪجو. 20۽ ڪاهن انهن کي پهرئين ڦل واري مانيءَ سان گڏ، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قرباني ڪري لوڏي، اهي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندا ۽ ڪاهن کي ملندا. 21۽ اوهين انهي ساڳئي ڏينهن پڌرائي ڪرائجو، تہ اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو.
22۽ جڏهن اوهين پنهنجي زمين جو فصل لڻو، تڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جون سڀ ڪنڊون پاسا نہ لڻج، ۽ نڪي لاباري جي وقت جيڪي پٽ تي ڪري، سو ميڙي گڏ ڪج: اهو تون غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.
23۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 24تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ پورو آرام ٿيندو، انهي ڏينهن يادگيريءَ جي لاءِ تريون وڄن، ۽ پاڪ جماعت گڏ ٿئي. 25۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو: ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.
26۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ 27انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو. 28انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: ڇالاءِ جو اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، ۽ خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي. 29ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو. 30۽ جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن، ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندو، تنهن کي آءٌ سندس ماڻهن مان برباد ڪري ڇڏيندس. 31انهي ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو: اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ، اوهان جي سڀني گهرن ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو. 32اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.
33۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 34تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ انهي ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين خداوند جي لاءِ تنبن جي عيد ٿيندي. 35پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي: ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. 36ستين ڏينهن تائين اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: ۽ اٺون ڏينهن پاڪ مجلس جو ڏينهن ٿيندو، ۽ اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو: اهو پاڪ جماعت جو ڏينهن آهي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
37اِهي خداوند جون مقرر ڪيل عيدون آهن، جن جي لاءِ اوهين پڌرائي ڪجو، تہ پاڪ جماعتون گڏ ٿين، انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو، يعني سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، هڪڙي قرباني، ۽ پيئڻ جون قربانيون؛ هر ڪا پنهنجي پنهنجي مقرر ڏينهن تي پيش ڪجو: 38انهي کان سواءِ خداوند جي سبتن کي مڃيندا رهجو، ۽ پنهنجا نذرانا ۽ پنهنجيون مڃتا جون قربانيون، ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون، برابر پيش ڪندا رهجو.
39۽ ستين مهيني جي پندرهين ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري رهو، تڏهن ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: پهريون ڏينهن پوري آرام جي واسطي آهي، ۽ اٺون ڏينهن بہ پوري آرام جي واسطي آهي. 40۽ اوهين پهرئين ڏينهن چڱن وڻن جو ميوو، ۽ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون، ۽ گهاٽن وڻن جا ڏار، ۽ نهرن جون ليون کڻجو؛ ۽ ستن ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪجو. 41۽ اوهين هر ڪنهن سال اهي ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو: اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي: اهو اوهين ستين مهيني ۾ ملهائيندا رهجو. 42اوهين ستن ڏينهن تائين تنبن ۾ رهجو؛ جيڪي اسرائيل جي نسل جا هجن، سي سڀ تنبن ۾ رهن: 43انهي لاءِ تہ اوهان جي سڀ ڪنهن پيڙهيءَ کي خبر پوي، تہ جڏهن مون بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تڏهن انهن کي تنبن ۾ رهايم: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 44سو موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي مقرر ڪيل عيدن جو بيان ڪري ٻڌايو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 23: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in