YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 22

22
1پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ بني اسرائيل جون پاڪ شيون، جي هو منهنجي لاءِ پاڪ ڪن، تن کان پاڻ کي پري رکن، ۽ انهن جي ڪري منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪن: آءٌ خداوند آهيان. 3هنن کي چئُہ تہ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان ڪوبہ شخص، جو ناپاڪ هوندو، ۽ انهن پاڪ شين جي ويجهو ويندو، جن کي بني اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ ڪيو هوندو، سو منهنجي حضور مان تباهہ ڪيو ويندو: آءٌ خداوند آهيان. 4هارون جي نسل مان جيڪو ماڻهو ڪوڙهيو هجي، يا جنهن کي پرميل جو مرض هجي، سو جيسين پاڪ نہ ٿئي، تيسين انهن پاڪ شين مان نہ کائي، ۽ جيڪو ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڇهي، جا ڪنهن مڙهہ کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا جنهن کي احتلام هجي، 5يا جيڪو ڪنهن اهڙي سرندڙ جيت کي ڇهي، جنهنڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، يا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڇهي، جنهن مان هن کي ناپاڪي لڳي، پوءِ اها ناپاڪي ڪهڙي بہ قسم جي هجي؛ 6تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي. 7۽ جڏهن سج لهندو، تڏهن هو پاڪ ٿيندو؛ پوءِ هو انهن پاڪ شين مان ڀلي کائي؛ ڇالاءِ جو اها سندس خوراڪ آهي. 8جيڪو جانور پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، سو کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري: آءٌ خداوند آهيان. 9تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان. 10ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهن شين مان ڪجهہ بہ نہ کائي: ڪاهن وٽ رهندڙ مسافر يا ڪو مزور بہ، انهن پاڪ شين مان نہ کائي. 11پر جنهن کي ڪاهن پئسن سان خريد ڪيو هجي، سو ڀلي انهيءَ مان کائي، ۽ جيڪي سندس گهر ۾ ڄاوا هجن، سي هن جي کاڌي مان ڀلي کائين. 12۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ، ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان پرڻيل هجي، تہ اها انهن پاڪ شين جي کڻڻ واري قربانيءَ مان نہ کائي. 13پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ بيوہ، يا طلاق ڏنل هجي، ۽ انهي کي اولاد نہ هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مانيءَ مان کائي: پر ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي. 14پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان انهيءَ پاڪ شيءِ مان ڪي کائي، تہ پوءِ هو اُنهي جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏ ڪري، ۽ پوءِ اها پاڪ شيءِ ڪاهن کي ڏئي. 15۽ بني اسرائيل جيڪي پاڪ شيون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن جي هو بي ادبي نہ ڪن؛ 16۽ انهي ڪري هنن تي گناهہ جو بار نہ وجهن: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.
17۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 18تون هارون، ۽ سندس پٽن، ۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي ماڻهو بني اسرائيل ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾، سوختني قرباني پيش ڪري؛ 19تہ اوهين ڍڳن مان، يا رڍن مان، يا ٻڪرين مان ڪو بي عيب نر پيش ڪجو، تہ اوهين قبول پئو. 20پر جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو اوهين پيش نہ ڪجو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندو. 21۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ پنهنجن ڍورن، يا ڌڻن مان، خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري؛ تہ انهي ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر اُها بلڪل سالم هجي تہ قبول پوي. 22انڌو، يا عضوي ڀڳل، يا منڊو ٽُنڊو، يا لسڻ، يا ڏڍ، يا خارش وارو جانور اوهين خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪجو، ۽ نڪي انهن مان ڪنهن کي قربانگاهہ تي آڻي، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني چاڙهجو. 23جنهن ڍڳي يا گهيٽي جو ڪو عضوو وڌيل يا گهٽيل هجي، سو تون خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪج؛ پر ڪنهن مڃت جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو. 24جنهن جا آنورا ڦٽيل، يا چيريل، يا ڀڳل، يا وڍيل هجن، سو بہ اوهين خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو؛ نڪي پنهنجي ملڪ ۾ اهڙن جي قرباني چاڙهجو. 25۽ اوهين ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي، پنهنجي خدا جي خوراڪ لاءِ پيش نہ ڪجو؛ ڇالاءِ جو انهن ۾ سندن خرابي آهي ۽ منجهن عيب آهي: اهي اوهان جي لاءِ قبول نہ پوندا.
26۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 27جڏهن ڪو گابو، يا گهيٽو، يا ڇيلو ڄمي، تڏهن ست ڏينهن اهي پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهن؛ ۽ اٺين ڏينهن، يا انهي کان پوءِ اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ واسطي قبول پوندا. 28۽ اوهين ڳئون، يا رڍ کي، ۽ انهيءَ جي ٻچي کي هڪڙي ئي ڏينهن ذبح نہ ڪجو. 29۽ جڏهن اوهين خداوند جي شڪرگذاريءَ لاءِ قرباني چاڙهيو، تڏهن اهڙيءَ طرح چاڙهجو جو اوهين قبول پئو. 30انهي ساڳئي ڏينهن اها کائجو؛ انهي مان صبح تائين ڪي بہ نہ بچائجو: آءٌ خداوند آهيان. 31تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان. 32۽ اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي حرمتي نہ ڪجو؛ پر آءٌ بني اسرائيل ۾ پاڪ ليکجڻ ۾ ايندس: آءٌ خداوند آهيان، جو اوهان کي پاڪ ٿو ڪريان؛ 33۽ جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 22: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in