يشوع 4
4
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي، تڏهن خداوند يشوع سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ 2قوم منجهان ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍ، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو، 3۽ انهن کي حڪم ڏي تہ يردن جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهنن جا پير محڪم بيٺا هئا، اُتان ٻارهن پٿر پاڻ سان کڻي هلن، ۽ جنهن هنڌ اوهين اڄوڪي رات وڃي ٽڪو اُتي اُهي ڇڏي ڏجو. 4تڏهن يشوع بني اسرائيل مان ٻارهن ماڻهو، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو، چونڊي تيار ڪيا، ۽ انهن کي سڏيائين: 5۽ يشوع انهن کي چيو تہ خداوند پنهنجي خدا جي صندوق جي اڳيان لنگهي يردن جي وچ ۾ وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو، بني اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، هڪڙو پٿر پنهنجن ڪلهن تي کڻي: 6تہ ڀلي اوهان ۾ اها هڪڙي نشاني هجي، ۽ جڏهن ايندڙ وقت ۾ اوهان جو اولاد اوهان کان پڇي تہ هنن پٿرن جو ڪهڙو مطلب آهي؟ 7تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ يردن جو پاڻي خداوند جي عهدنامي جي صندوق اڳيان ڇڄي ڌار ٿيو؛ ۽ اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ واسطي هڪڙي يادگاريءَ جي نشاني ٿي قائم رهندا. 8۽ بني اسرائيل ائين ڪيو جيئن يشوع حڪم ڏنو، ۽ جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي فرقي جي شمار موافق هنن ٻارهن پٿر يردن جي وچ مان کنيا، ۽ اُهي پاڻ سان کڻي پار لنگهي انهيءَ هنڌ آندائون، جتي هو ٽڪي پيا هئا، ۽ اُتي اُهي رکي ڇڏيائون. 9۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن. 10ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا. 11۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا. 12۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي بني اسرائيل جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهيا، جيئن موسيٰ کين فرمايو هو: 13اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو جنگ جي لاءِ تيار ٿي، خداوند جي اڳيان پار لنگهي يريحو جي ميدان تي لڙائي لاءِ آيا. 14انهيءَ ڏينهن خداوند اسرائيل جي نظر ۾ يشوع جي وڏائي ظاهر ڪئي؛ ۽ سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو کانئس اهڙو ڊڄندا هئا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.
15تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 16جيڪي ڪاهن شاهديءَ جي صندوق کنيو بيٺا آهن تن کي حڪم ڏي تہ يردن مان نڪري ٻاهر اچن. 17تنهنڪري يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏيئي چيو تہ اوهين يردن مان نڪري ٻاهر اچو. 18۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن يردن جي وچ مان نڪري ٻاهر آيا، ۽ ڪاهنن جا پير سڪيءَ زمين تي اچڻ لڳا، تڏهن يردن جو پاڻي پنهنجي جاءِ تي موٽي آيو، ۽ پنهنجن ڪنارن تان اُٿلڻ لڳو جيئن اڳي هو.
19۽ اهي ماڻهو پهرين مهيني جي ڏهين تاريخ يردن مان نڪري آيا، ۽ يريحو جي اُڀرندي واري سرحد تي جلجال ۾ منزل ڪيائون. 20۽ اهي ٻارهن پٿر جي هنن يردن مان ڪڍي آندا هئا، سي يشوع جلجال ۾ کوڙيا. 21۽ هن بني اسرائيل کي چيو تہ ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جا ٻار پنهنجن ابن ڏاڏن کان پڇن تہ هنن پٿرن جو مطلب ڇا آهي؟ 22تڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي خبر ڏجو تہ اسرائيلي يردن مان سڪيءَ زمين تان لنگهي آيا. 23ڇالاءِ جو خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اڳيان يردن جو پاڻي سڪائي ڇڏيو، جيستائين ڪ اوهين لنگهي پار ٿيا؛ جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اسان جي اڳيان ڳاڙهو سمنڊ سڪايو، جيستائين اسين لنگهي پار نہ ٿياسين: 24انهي لاءِ تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند جو هٿ طاقت وارو آهي: ۽ اُهي خداوند اوهان جي خدا کان هميشہ ڊڄندا رهن.
Currently Selected:
يشوع 4: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: