يشوع 3
3
1۽ يشوع صبح جو سوير اُٿيو، ۽ هو، ۽ سڀ بني اسرائيلي شطيم مان روانا ٿيا ۽ يردن وٽ آيا، ۽ پار لنگهڻ کان اڳي اُتي ٽڪي پيا. 2۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ عملدارن لشڪر جي وچ مان لنگهي 3ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو. 4پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو. 5۽ يشوع ماڻهن کي چيو تہ پاڻ کي اوهين پاڪ ڪريو؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي خداوند اوهان منجهہ ڪي عجائب ظاهر ڪندو. 6۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا. 7پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس. 8۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.
9۽ يشوع بني اسرائيل کي چيو، تہ ويجهو اچو، ۽ اچي خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ٻڌو. 10۽ يشوع چيو تہ انهي ڪري اوهان کي خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي، ۽ هو ضرور ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ حوين، ۽ فرزين، ۽ جرجاسين، ۽ امورين، ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍندو. 11ڏسو ساري دنيا جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق، اوهان جي اڳيان يردن مان پار لنگهيو ٿي وڃي. 12تنهنڪري هاڻي اوهين اسرائيل جي فرقن مان ٻارهن ماڻهو کڻو، هر ڪنهن فرقي مان هڪڙو ماڻهو. 13۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.
14۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهو پنهنجن تنبن مان ڪوچ ڪري يردن جي پار وڃڻ لاءِ نڪتا، ۽ عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارا ڪاهن ماڻهن جي اڳيان هليا؛ 15۽ صندوق کڻڻ وارا يردن وٽ آيا، ۽ ڪاهنن جا پير ڪناري واري پاڻيءَ ۾ ٽٻيا، (ڇالاءِ جو يردن فصل جي موسم ۾ پنهنجن سڀني ڪنارن تان اُٿلي پوندي آهي،) 16تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا. 17۽ جيڪي ڪاهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق کنيو ٿي آيا، سي يردن جي وچ ۾ سڪي زمين تي محڪم بيهي رهيا، جيستائين ڪ ساري قوم يردن لنگهي پار ٿي.
Currently Selected:
يشوع 3: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: