يرمياہ 5:23-6
يرمياہ 5:23-6 SB62
خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو. انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.






