قاضين 5
5
1تڏهن انهيءَ ڏينهن دبورہ ۽ برق بن ابي نوعم هڪڙو راڳ ڳايو، تہ، 2اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا. 3ٻڌو، اي بادشاهہ، ڪن ڏيو اي شهزادا، آءٌ خداوند جي لاءِ راڳ ڳائينديس؛ آءٌ خداوند اسرائيل جي خدا جي تعريف ڪنديس. 4اي خداوند، جڏهن تون شعير مان نڪري هلين، جڏهن تون ادوم جي ميدان مان ڪوچ ڪري نڪتين، تڏهن زمين ڌڏي ويئي، ۽ آسمان بہ ٽمڻ لڳو، هائو ڪڪر پاڻي وسائڻ لڳا. 5جبل خداوند جي روبرو ڌڏڻ لڳا، يعني سينا جبل بہ خداوند، اسرائيل جي خدا جي اڳيان ڌڏڻ لڳو. 6شمجر بن عنات جي ڏينهن ۾، ۽ ياعيل جي ڏينهن ۾، شاهي رستا سڃا پيا هوندا هئا. 7اسرائيل ۾ حاڪم موقوف ٿي ويا، اُهي موقوف ٿي ويا، جيسين آءٌ دبورہ اُٿيس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ ٿي اُٿيس. 8هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟ 9منهنجي دل اسرائيل جي حاڪمن جي پاسي آهي، جن ماڻهن منجهان پاڻ کي خوشيءَ سان آڻي حاضر ڪيو: اوهين خدا کي سڳورو ڄاڻو. 10اوهين جي اڇن گڏهن تي ٿا چڙهو، اوهين جي قيمتي غاليچن تي ٿا ويهو، ۽ اوهين جي رستي تي پنڌ هلو ٿا، سڀ انهيءَ جو ذڪر ڪريو. 11ڪماندارن جي آواز کان پري، پاڻي ڀرڻ وارين جاين ۾، هو خداوند جي سچائيءَ جي ڪمن جو بيان ڪندا، يعني اسرائيل ۾ هن جي حڪومت جا سچائيءَ وارا ڪم. تنهن کان پوءِ خداوند جي قوم دروازن ڏانهن لهي ويئي. 12جاڳ جاڳ، اي دبورہ جاڳ، ۽ ڪو راڳ ڳاءِ: اُٿ، اي برق، اي ابي نوعم جا پٽ، اُٿ، ۽ پنهنجي قيدين کي قيد ڪر. 13تنهن کان پوءِ اميرن ۽ عام ماڻهن مان باقي بچيل لهي آيا؛ خداوند منهنجي لاءِ زور وارن سان وڙهڻ لاءِ لهي آيو. 14افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن. 15۽ اشڪار جا شهزادا دبورہ سان هئا؛ جيئن اشڪار هو تيئن برق هو؛ اُهي هن جي پيرن وٽ واديءَ ۾ ڪاهي پيا، روبن جي نهرن وٽ دل جا وڏا ارادا ٿيا. 16ڇالاءِ تون رڍن جي واڙن ۾، ڌڻن جو آواز ٻڌڻ لاءِ ويهي رهين؟ روبن جي نهرن وٽ دل جون وڏيون تلاشيون ٿيون، 17جلعاد يردن جي هن ڀر رهندو هو: ۽ دان ڇالاءِ ٻيڙين ۾ رهيو؟ آشر ماٺ ڪري سمنڊ جي بندرگاهہ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجن سمنڊ جي کارين وٽ رهي پيو. 18زبولون ۽ نفتالي اُهي قومون هيون، جن مرڻ تائين پنهنجيون حياتيون ميدان جي مٿانهين جاين تي خوف ۾ وڌيون. 19بادشاهہ آيا ۽ اچي وڙهيا، پوءِ ڪنعان جا بادشاهہ، تنعاڪ ۾ مجدو جي پاڻين وٽ وڙهيا: هنن کي ڪو ذري جو فائدو ڪونہ مليو. 20هو آسمان مان وڙهيا، ۽ تارا پنهنجي دور تان سيسرا سان وڙهيا. 21قيسون ندي هنن کي ٻوڙي کڻي ويئي، اُها قيسون جا قديم ندي آهي. اي منهنجي جان، تون زور سان اڳتي ڪاهي هل. 22تڏهن گهوڙن جا سنب ٽپڻ جي ڪري دٻڪو ڪرڻ لڳا، يعني هنن جي بهادرن جي ٽپڻ جي ڪري. 23خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي. 24حبر قينيءَ جي زال ياعيل سڀني زالن مان برڪت واري ٿيندي. 25هن پاڻي گهريو ۽ انهيءَ کير ڏنس؛ اُنهيءَ هن کي هڪڙي اميراڻي رڪابيءَ تي مکڻ آڻي ڏنو. 26هن پنهنجو هٿ ڪليءَ تي رکيو، ۽ پنهنجو ساڄو هٿ واڍي جي مترڪي تي؛ ۽ انهيءَ مترڪي سان هن سيسرا کي ڌڪ هنيو ۽ سندس مٿي مان ڪلي لنگهايائين؛ هائو، هن ڌڪ هڻي سندس لوندڙين مان ڪلي لنگهائي. 27هن جي پيرن تي هن سر جهڪايو، ۽ ڪريو، ۽ ليٽي پيو: هن جي پيرن تي هو اونڌو ٿي ڪري پيو: جتي سر جهڪايائين، اُتي ئي ڪريو ۽ مري ويو. 28دريءَ منجهان هن ٻاهر نهاريو ۽ دانهن ڪيائين، سيسرا جي ماءُ ڳڙکيءَ مان دانهن ڪري چيو تہ ڇو هن جي گاڏي اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟ ڇو هن جي گاڏيءَ جا ڦيٿا بيهي رهيا آهن؟ 29سندس ڏاهيءَ زال ورندي ڏنيس، بلڪ هن پاڻهي پاڻ کي ورندي ڏيئي چيو، 30تہ هنن کي لٽ جو مال ڪونہ مليو ڇا ۽ هنن اُهو نہ ورهايو آهي ڇا؟ هرهڪ مرد کي هڪڙي ڇوڪري، بلڪ ٻہ ڇوڪريون؛ سيسرا کي جدا جدا رنگن واريون لٽ جون شيون، ۽ رنگين ڀرت وارا ڪپڙا، ۽ جدا جدا رنگ جي ڪپڙن جو لٽ جو مال، ۽ ٻنهي پاسن رنگارنگي ڀرت جو مال قيدين جي ڳچين تي ڀريل نہ مليو آهي ڇا؟ 31اي خداوند، ڀلي تہ تنهنجا سڀ دشمن انهيءَ طرح ناس ٿي وڃن: پر جيڪي هن کي پيار ٿا ڪن، سي ڀلي تہ سج وانگر هجن، جڏهن اُهو زور سان نڪرندو آهي، ۽ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو.
Currently Selected:
قاضين 5: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

: