YouVersion Logo
Search Icon

قاضين 4

4
1۽ اهود جي وفات ڪرڻ کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا. 2تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو. 3۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.
4هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي. 5۽ اُها افرائيم جي ڪوهستان ۾، رامہ ۽ بيت ايل جي وچ ۾ دبورہ جي کجيءَ هيٺ رهندي هئي: ۽ بني اسرائيل اُتي وٽس اچي پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائيندا هئا. 6۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟ 7۽ آءٌ يابين جي سپهہ سالار سيسرا کي سندس جنگي گاڏين، ۽ لشڪر سوڌو، قيسون نديءَ تائين تو وٽ وٺي ايندس؛ ۽ انهيءَ کي تنهنجي حوالي ڪندس. 8۽ برق هن کي چيو تہ جي تون مون سان هلندينءَ تہ آءٌ ويندس، پر جي تون مون سان نہ هلندينءَ تہ آءٌ ڪين ويندس. 9تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي. 10۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي. 11هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين. 12۽ هنن سيسرا کي چيو تہ ابي نوعم جو پٽ برق، تبور جي جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي. 13تنهن تي سيسرا پنهنجون سڀ جنگي گاڏيون، يعني نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ گڏ ڪري حروست هگوئيم کان قيسون نديءَ تائين آندا. 14۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا. 15۽ خداوند سيسرا کي، ۽ سندس سڀني جنگي گاڏين ۽ ڪل لشڪر کي، ترار جي ڌار سان، برق جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ سيسرا پنهنجي جنگي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو اُٿي ڀڳو. 16پر برق انهن گاڏين ۽ انهيءَ لشڪر جي پٺيان پئي حروست هگوئيم تائين آيو: ۽ سيسرا جو سڄو لشڪر ترار جي ڌار سان مارجي ويو؛ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.
17۽ سيسرا پيادو حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ ڏانهن ڀڳو: ڇالاءِ جو حصور جي بادشاهہ يابين، ۽ حبر قينيءَ جي گهراڻي جي وچ ۾ صلح هو. 18۽ ياعيل نڪري وڃي سيسرا کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اي منهنجا سائين، اندر هل، اندر مون وٽ هل، ڊڄ نہ. ۽ هو تنبوءَ منجهہ گهڙي ويو، ۽ هن هڪڙو کٿو مٿان وجهي لڪايس. 19۽ سيسرا چيس تہ ڀلائي ڪري مون کي ٿورو پاڻي ڏي تہ پيان، ڇالاءِ جو مون کي اُڃ لڳي آهي. تڏهن هن کير جي هڪڙي دلي کولي، ۽ کير پياري ڍڪي ڇڏيس. 20پوءِ سيسرا چيس تہ تنبوءَ جي در تي بيهي رهہ، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اچي توکان پڇي ۽ چوي تہ هتي ڪو ماڻهو آهي؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ نہ. 21تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي کنئي، ۽ مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي، ۽ اُها ڪلي هن جي لوندڙين ۾ ٺوڪي هنيائين، ۽ اُها آرپار لنگهي وڃي زمين ۾ کُتي؛ ڇالاءِ جو هن کي گهري ننڊ اچي ويئي هئي، تنهنڪري هو بيهوش ٿي مري ويو. 22۽ ڏس جڏهن برق سيسرا جي پٺيان آيو تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي هن کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اچ تہ آءٌ توکي اُهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو: ۽ هو وٽس آيو؛ ۽ ڏس، سيسرا مئو پيو هو، ۽ تنبوءَ جي ڪلي لوندڙين ۾ لڳي پيئي هيس. 23انهيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني. 24۽ بني اسرائيل جو هٿ ڪنعان جي بادشاهہ يابين تي غالب ٿيندو ويو، اهڙو جو هنن ڪنعانين جي بادشاهہ يابين کي صفا ناس ڪري ڇڏيو.

Currently Selected:

قاضين 4: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in